اڳڙا ڀرسان بھارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪنڊڙي ۾ زمين جي مالڪي تان پنھور برادري جي ٻن ڌرين جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺين ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي گمبٽ اسپتال داخل ڪيو ويو ، زخمين ۾ ظهير پنھور، طيب پنھور، باري، دائود ،عبدالغني سميت ٻيا شامل آهن. حد جي پوليس ڌرين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي گمبٽ اسپتال موڪليو ، پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي
عوامي آواز رپورٽ
اڳڙا ڀرسان پنھور برادري جي ٻن ڌرين جهيڙو ، ٻنھي ڌرين جا 8 ڄڻا زخمي