پنجاب يونيورسٽي جو اڳوڻو پروفيسر قتل

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ پنجاب يونيورسٽي جي اڳوڻي پروفيسر کي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

ڊي آءِ جي آپريشنز اشفاق خان موجب لاهور جي ملتان روڊ تي پنجاب يونيورسٽي جي اڳوڻي پروفيسر احمد علي چٺا کي قتل ڪيو ويو.

هن ٻڌايو ته احمد علي فارم هائوس تي قرباني جو جانور ڏسڻ وڃي رهيو هو ته اڻڄاتل ماڻهن کيس مٿي ۾ گولي هنئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو مارجي ويو.

واردات کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته مقتول جو مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار واقعي جو نوٽيس وٺندي سي سي پي او لاهور کان رپورٽ طلب ڪندي جوابدارن جي جلد گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.