نئون ديرو:شهيد ذوالفقار ڀٽو جي تصوير جي بيحرمتي خلاف ريلي

عوامي آواز رپورٽ
نئون ديرو:شهيد ذوالفقار ڀٽو جي تصوير جي بيحرمتي خلاف ريلي
عوامي آواز رپورٽنئون ديرو:شهيد ذوالفقار ڀٽو جي تصوير جي بيحرمتي خلاف ريلي

قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي تصوير جي بيحرمتي ڪندڙ پي ٽي آءِ ايم اين اي عالمگير خلاف پيپلز يوٿ پاران ڊويزنل اڳواڻ مهراڻ ناريجو، توفيق ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن تان ٿيندي پي ٽي آءِ ايم اين اي عالمگير خلاف نعرا هڻندي پريس ڪلب پهتي. جتي مڇريل نوجوانن ۽  جيالن ايم اين اي عالمگير جي پتلي جي تذليل ڪرڻ سان گڏ ان کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هن ملڪ کي آئين ڏنو. هن ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ عوام جي حقن خاطر ڊڪٽيٽر آڏو نه جهڪيو ۽ پنهنجي جان جو نظرانو ڏئي ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي ايم اين اي عالمگير سندس تصوير جي بيحرمتي ڪري هن ملڪ جي عوام جي دلين کي رنجايو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته عالمگير خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.