پاڪستان گلگت بلتستان ۾ چونڊن جي حوالي سان ڀارتي بيانن کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان چيو آهي ته ڀارتي حڪومت وٽ گلگت بلتستان اليڪشن تي بيان ڏيڻ جو ڪو به جواز ناهي، ڀارتي پرڏيهي وزارت گلگت بلتستان چونڊن بابت بيان کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا.

پرڏيهي کاتي طرفان جاري ٿيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان گلگت بلتستان چونڊن تي ڀارت جي ڪوڙن دليلن کي رد ڪندي چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزارت جي گلگت بلتستان چونڊن بابت بيانن کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا، ڀارتي حڪومت وٽ گلگت بلتستان اليڪشن تي بيان ڏيڻ جو ڪو به جواز ناهي.

پاڪستان چيو ته ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ فراڊ چونڊون ڪرائي رهي آهي ۽ ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير کي دنيا جو سڀ کان وڏو جيل بڻائي ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.