ميهڙ: پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب شهرين کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي معطل

عوامي آواز رپورٽ
ميهڙ: پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب شهرين کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي معطل
عوامي آواز رپورٽميهڙ: پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب شهرين کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي معطل

ميهڙ ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب شهرين کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

سخت گرمي دوران 15 ڏينهن کان واٽر سپلاءِ اسڪيم مان ميهڙ جي شھرين کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي معطل آھي.

رامپورپاڙي, ڪڪول واهه, سينڌل مهيسر , مصطفي ڪالوني, اسلام آباد پاڙي سميت اڪثر پاڙن ۾ عوام پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن.

عوام سخت گرمي ۾ پئسن تي پاڻي ڀرائڻ تي مجبور آھن.

شھرين اعلي اختيارين کان گهر ڪئي آھي ته ميهڙ جي پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهل آفيسرن خلاف قدم کڻي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.