وزيراعظم جي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سومر ڏينهن وزيراعظم ايوان ۾ داخل ٿيو ته ميمبرن ڊيسڪون وڄائي وزيراعظم جي آجيان ڪئي، ان موقعي تي وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، اسد عمر ۽ حماد اظهر سان ڪجهه معاملن تي وزيراعظم خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ڪجهه قومي اسيمبلي جي ميمبرن به وزيراعظم جي سيٽ تي اچي وزيراعظم کي درخواستون ڏنيون. جڏهن ته وزيراعظم سان ڪراچي سان تعلق رکندڙ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي.

منهنجي ڊگري جي ڀلي جاچ ڪرايو: غلام سرور

اسلام آباد (بيورو+م ڊ)  هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن جو گند صاف ڪرڻ اسان جو مينڊيٽ آهي، ماضي ۾ جمهوريت جي نالي تي ادارن کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف پارلياماني اڳواڻن پاران کان اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي هن چيو ته پي آءِ اي جي معاملن تي صرف حڪومت نه پر سپريم ڪورٽ به پاڻمرادو نوٽيس وٺندي هدايتون جاري ڪيون هيون، پي آءِ اي ۾ 10 سالن جي نوڪرين جي جاچ ۽ ڊگرين جي تصديق ڪئي وڃي، هن چيو ته پي آءِ اي ۾ ميرٽ کانسواءِ ڀرتيون ثابت ٿيون، هن چيو  ته منهنجي ڊگري اڄ به چيڪ ڪري سگهجي ٿي، آئون ڪنهن اقامي تي دبئي ۾ نوڪر ناهيان بڻيو.

پيٽرول شين جون قيمتون واپس وٺڻ جو ٺهراءُ جمع

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ پيٽرول شين جون قيمتون واپس وٺڻ جو ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو، ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته قيمتن ۾ واڌ ترت واپس ورتي وڃي. قيمتون وڌڻ سان ملڪ ۾ مهانگائي وڌندي ۽ عوام معاشي بدحالي جي ور چڙهي ويندو.

استادن جي خالي جاين تي ڀرتين لاءِ اڳڀرائي رپورٽ طلب

ڪراچي(رپورٽر) سنڏ هاءِ ڪورٽ جي  جسثس صلاح الدين پنھور جي  عدالت  تعليم کاتي ۾  خالي پيل استادن جون جايون ڀرڻ بابت سنڌ سرڪار کي هڪ هفتي اندر اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي.  سنڌ ۾ استادن جي خالي جاين تي ڀرتين بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سيڪريٽري ثقافت، ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس سميت تعليم کاتي جا آفيسر پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران سيڪريٽري ڪلچرل سنڌ ۾ لائبريريز بابت رپورٽ جمع ڪرائي وئي، ٻڌڻي دوران عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن تعليم وارو سيڪريٽري بيمار آهي نئون سيڪريٽري مقرر ڪري خالي پيل جايون جلد کان جلد ڀري هڪ هفتي اندر اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي. جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 2 جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھی.

اسپيڪر  پاران ڊاڪٽر شيرين مزاري کي ڇنڊ

اسلام آباد (بيورو+م ڊ)  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري کي ڇنڊ پٽي ۽ چيو ته هو حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ٻنهي طرفن جي بينچن ۾ بنا فرق جي قاعدن موجب ورتاءَ ڪندو، مخالف ڌر ميمبر عبدالقادر پٽيل فنانس بل پيش ڪري رهيو هو ته ڊاڪٽر شيرين مزاري آواز لڳايو جنهن جو نوٽيس وٺندي اسپيڪر چيو ته هو قاعدا ڄاڻي ٿو ۽ حڪومت ۽ مخالف ڌر مان ڪنهن کي به قاعدن جي خلاف طرز عمل اختيار ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. مخالف ڌر پاران اسپيڪر جي رولنگ جي ڊيسڪون وڄائي آجيان ڪئي وئي.

ڪميشن پاس نرسز جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس نرسز ٽن مهينن کان پگهارون ۽ رسڪ الائسن نه ملڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب ۽ سنڌ اسميبلي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو،اڳواڻن چيو ته سنڌ سرڪار 2300 سنڌ پبلڪ سروس ڪميسن پاس نرسز کي ريگيول ڪرڻ جو چيو هو،احتجاج ۾ شامل صدر طاهر احمد،محمد الياس،اسفند، رضا ٻين چيو ته اسان ڪورونا وائرس جهڙي خطرناڪ مرض سان خطري هيٺ سختيءَ سان پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهيون. اڳواڻ طاهر محمد چيو ته سنڌ حڪومت اسان کي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو جنهن بعد سنڌ حڪومت اسان سان گڏ ڪانٽريڪٽ تي ڀري ڪيل نرسز کي مستقل ڪرڻ لاءِ آرڊر جاري ڪيو جڏهن ته اسان کي ريگيولر ڪرڻ بجاءِ ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ ڪري اسان سان مذاق ڪئي وئي آهي. اڳواڻن سنڌ سرڪار ۽ صحت جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته کين فوري پڪو ڪري رھيل پگهارون جاري ڪيون وڃن،

سون جي قيمت ۾ 1600 رپيا واڌ

ڪراچي (رپورٽر) عالمي توڙي مقامي صرافه مارڪيٽ سون جي قيمت وڌڻ جو سلسلو جاري آهي، سنڌ صرافه جيولرز موجب ڪالهه سون جي في تولو قيمت ۾ 1600 رپين جو اضافو ٿيو.جنهن بعد ملڪ ۾ سون جي قيمت هڪ لک 4400 رپيا ٿي وئي آهي. جڏهن ته 10 گرام سون 1372 رپين جي اضافي سان 89506 رپيا ٿي ويو آهي.

وفاقي سرڪار کي چئن هفتن ۾ دوائن جا اگهه طئه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (م ڊ) دُنيا ۾ ڊرگ ريگيو ليٽري اٿارٽيز مضبوط هونديون آهن، اسان وٽ ڊريپ جو ادارو دو اساز ڪمپنيز جي ماتحت ڪم ڪري رهيو آهي، سُپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار کي چئن هفتن ۾ دوائن جا اگهه طئه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڊريپ چاهي ٿو ته سموريون ڪمپنيز سندن در تي اچي بيهي رهن، جسٽس اعجاز الاحسن پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته دوائن جا اگهه طئه ڪرڻ ۾ ايترو وقت ڇو لڳندو آهي؟ حڪومت معاملي کي اڻڄاتل مدي تائين لٽڪائي نٿي سگهي.

سنڌ ۾ وڌيڪ 74 ماڻهو فوت، 1539 نوان ڪورونا ڪيس

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس وگهي فوتگين جو انگ  1343 تائين وڌي ويو آهي جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ فوت ٿيندڙ 74 ڄڻا پڻ شامل آهن جڏهن ته 8464 ٽيسٽن ڪرڻ سان  1539 مثبت ڪيس ظاهر ٿيا. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ مراد علي شاهه چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 74 وڌيڪ مريض فوت ٿيڻ کانپوءِ انگ 1343 ٿي ويو آهي. 19 مارچ تي COVID-19 وگهي پهريون فوتگي کانپوءِ هيل تائين سڀ کان وڏو انگ اکر آهي.  ضلعي سطح تي ڪيسن جي حوالي سان وڏي وزير چيو ته 1539 نون ڪيس مان 689 ڪيس ڪراچي جا آهن  جن ۾ ضلع اوڀر 252، ضلع ڏکڻ 175، ضلع مرڪز 107، ضلع ملير 62، ضلع اولهه  49 ۽ ضلع ڪورنگي 44 شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد 93، گهوٽڪي 76، سکر 74، ميرپور خاص 34، خيرپور 34، ٽنڊو الهيار32 ، سانگهڙ 23، شهيد بينظير آباد 23، جيڪب آباد 28، لاڙڪاڻو 22، قمبر 19، شڪارپور 19، دادو 13، عمرڪوٽ 12، بدين ۽ نوشهرو فيروز 9-9 ، سجاول 6 ، ٽنڊو محمد خان 5 ، ٺٽو 4 ۽ ڪشمور ۽ مٽياري ۾ 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڏنو آهي ته وبائي مرض کي وڌيڪ پکڙڻ کان روڪڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪن.

رچيءَ  جو حِيلو نه هليو، پوليس جو رحمان ملڪ خلاف ڪيس کان انڪار

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد پوليس آمريڪي عورت سنٿيا رچي جي درخواست تي اڳوڻي گهرو وزير ۽ پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي عورت سنٿيا رچي جي رحمان ملڪ جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي پوليس جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. پوليس رپورٽ موجب سنٿيا رچي طرفان رحمان ملڪ جي خلاف الزامن جو ڪوبه ثبوت ناهي مليو. سنٿيا جي درخواست شڪي ۽ ظاهري طور تي بدنيتي تي ٻڌل آهي. پوليس رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنٿيا رچي وٽ ڪنهن به قسم جو  ڪوبه ثبوت ناهي. هوءَ نه درخواست ۾ ۽ نه ئي وري پيشيءَ دوران الزام ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه پيش ڪري سگهي آهي. رڪارڊ موجب 9 سال اڳ سنٿيا واقعي جي وقت ٿاڻي ۾ ڪابه درخواست ناهي ڏني. جڏهن ته لاڳاپيل سفارتخاني جي طرفان به ان وقت اهڙو ڪوبه اطلاع نه ڏنو ويو. جڏهن ته ان وقٽ ڪوبه ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ/ايم ايل آر به ناهي ڏنو ويو.

نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ڪرڻ سان دهشتگرد متحرڪ پيا ٿين : اسفند يار

پشاور ( م ڊ ) اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ڪرڻ سان دهشتگرد وڌيڪ متحرڪ ٿي رهيا آهن، هن چيو ته ملڪ جو وزير اعظم جڏهن هڪ عالمي دهشتگرد کي شهيد قرار ڏي، اها حڪومت دهشتگردي ختم نٿي ڪري سگهي.اهڙا بيان انهن شهيدن ۽ غازين جي رت جي توهين آهي، جن ملڪ ۽ قوم لاءِ قربانيون ڏنيون، هن چيو ته موجوده حڪومت ۾ ايتري طاقت ئي ناهي جو دهشتگرد کي دهشتگرد چئي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.