چيني صدر پنهنجي فوج کي جنگ لاءِ تيار رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 

چيني صدر شي جن پنگ ملڪي فوج جي اعليٰ آفيسرن جي هڪ وفد کي خطاب ڪندي حڪم ڏنو آهي ته اهي جنگ لاءِ مضبوط تياري شروع ڪن.

20 لک فوجي رکندڙ ملڪ جي سربراهه ملڪي فوج کي چيو آهي ته انتهائي بدترين، ڏکين ۽ پريشان ڪندڙ حالتن کي ڏسندي انهن کي تڪڙي ۽ اثرائتي انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي تيار رکو.

چيني صدر طرفان پنهنجي فوج کي امڪاني صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ جي حڪم کي ڀارت ۽ چين وچ ۾ فوجي تڪرار جي وڌندڙ خدشن کي نظر ۾ رکندي غير معمولي قرار ڏنو پيو وڃي.

جيتوڻيڪ شي جن پنگ پنهنجي بيان ۾ ڪنهن مخصوص خطري جو ذڪر نه ڪيو ۽ نه ڀارت جو نالو ورتو پر چيني صدر جو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن حقيقي ڪنٽرول لائن تي ڀارت ۽ چين جي فوجن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ان کي غير معمولي قرار ڏنو پيو وڃي.

هتي اها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته گذريل ڪجهه عرصي کان لداخ ۽ اتر سڪم ۾ حقيقي ڪنٽرول لائن تي ڀارت ۽ چين پنهنجي پنهنجي فوجن جي انگ ۾ واڌ ڪئي آهي، تازو ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ جهيڙن جا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن.

چيني فوج ذريعي ڀارتي نيم فوجي دستي جي جوانن کي حراست ۾ وٺڻ جون خبرون به آيون هيون پر ڀارت انهن خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا سيٽلائيٽ تصويرن جي ثبوت سان دعويٰ ڪئي آهي ته چين لداخ ڀرسان هڪ ايئر بيس جي واڌ ڪري رهيو آهي ۽ هن اتي جنگي جهاز به مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.