قرنطينه ۾ گذاريل ڏينهن جو تجربو خراب نه هو: عمران اسماعيل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ قرنطينه ۾ گذاريل 17 ڏينهن کي نئين دنيا سان تعبير ڪندي چيو آهي ته اهي ڏينهن ڏکيا ضرور هئا پر تجربو خراب نه هو.

سنڌ جي گورنر جي پريس سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل بيان موجب عمران اسماعيل قرنطينه ۾ گذريل 17 ڏينهن جي تجربي تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪورونا ڪا اهڙي بيماري ناهي، جنهن جو انجام رڳو موت ئي هجي، احتياط سان ان کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي.

سندس چوڻ هو ته ان بيماري ۾ جڙي ٻوٽين جو استعمال فائديمند هوندو آهي، مون کي سنا مڪي ۽ ادرڪ جي پاڻي جي استعمال سان وڏو فائدو ٿيو ۽ وائرس جي علامتن مان ڇوٽڪارو مليو، ڇو ته وائرس جو ڪو مخصوص علاج ناهي، تنهن ڪري ڊاڪٽر سان رابطي ۾ رهڻو پوندو آهي ۽ پنهنجي آڪسيجن جي نظر رکڻي پوندي آهي، جيڪڏهن اها 92 کان هيٺ وڃي ٿي ته خطرو آهي، ان کان مٿي هجڻ گهرجي.

هن چيو ته قرنطينه جو عرصو پاڻ احتسابي جو موقعو فراهم ڪري ٿو ۽ ان کان اڳ گذاريل زندگي جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪري مستقبل لاءِ حڪمت عملي جوڙي سگهجي ٿي، قرنطينه ۾ مان قرآن پاڪ جو ترجمي سان مطالعو ڪيو.

عمران اسماعيل موجب ان دوران مون کي حقيقي مالڪ جي ويجهو هجڻ سان گڏوگڏ نعمتن جو شڪر ادا ڪرڻ ۽ پنهنجي ڏوهن جي معافي گهرڻ جو موقعو مليو، جيتوڻيڪ توهان ڪجهه ڏينهن سڀني کان پري هوندا آهيو پر ان دوران ڪيترائي اهڙا ڪم ڪري سگهو ٿا، جيڪي ڪرڻ لاءِ معمول جي زندگي ۾ موقعو ناهي ملندو، مون لاءِ اهو عرصو ڏکيو ضرور هو پر خراب تجربو نه هو.

گورنر نيڪ خواهشون ۽ صحتيابي جي دعا ڪندڙن جا ٿورا مڃيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ڪورونا ٿي وڃي ته همت نه هارائي، ان جو مقابلو ڪري، ڇو ته ان وبا سان موت جي شرح تمام گهٽ آهي.

واضح رهي ته عمران اسماعيل ۾ 27 اپريل تي ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي، 8 مئي تي سندس ٻي ٽيسٽ به هاڪاري آئي پر قرنطينه ۾ 17 ڏينهن گهارڻ کانپوءِ 13 مئي تي هن جي ٽيسٽ ناڪاري آئي ۽ کيس صحتياب قرار ڏنو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.