انسٽاگرام ۾ نئون فيچر شامل ڪرڻ جي تياري

فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام پنهنجي واهپيدارن کي خوش رکڻ لاءِ نت نوان فيچر متعارف ڪرائيندي رهندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ان ۾ جلد هڪ نئين شيءِ شامل ٿي رهي آهي.

جي ها انسٽاگرام طرفان ٻڌايو ويو آهي ته هو جلد اسٽوريز لاءِ نوان فونٽس پيش ڪندا جنهن جي هن وقت مختصر ماڻهن جي اڪائونٽس تي آزمائش ڪئي پئي وڃي.

اسٽوريز لاءِ مختلف فونٽس سان گڏ ڪجهه نوان بيڪ گرائونڊز به شامل ڪيا ويا آهن.

ان کان اڳ انسٽاگرام رمضان مهيني جي مناسبت سان #MonthofGood (نيڪين جو مهينو) نئون هيش ٽيگ متعارف ڪرايو هو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.