پاڻي نٿا ڏيو ته زهر ڏئي ماري ڇڏيو

شاھ محمدلغاري

بنيادي صحولتن کان محروم ڪاڇي واسي اڄ به عذاب واري زندگي گزاري رهيا آھن بجلي پاڻي جي بحران سبب علائقي کي  مختلف بيماريون وڪوڙي ويون آھن ڪاڇي واسي رات جو بجلي جي گولا ۾ ته ڏينھن جو وري پاڻي جي گولا ۾ رهن ٿا ڪاڇي ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي اڻلڀ ٿيڻ  سبب علائقي واسي کڏن تلائن جو گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

21 هين صدي ۾ به ڪاڇي ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ناياب ٿي ويو آهي نه رڳو دادو شهر پر پوري ضلعي ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي عوام لاء خواب بڻجي چڪو آهي زندهه  رهڻ لاء عوام تلائن،  دُٻن ۽  کڏن جو گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ڪاڇي ۾ پاڻي جو مسئلو شدت اختيار ڪري ويو آهي تقريبن 200 کان وڌيڪ ڳوٺ جيڪي ڪاڇي ايريا ۾ ڳوٺ آهن اهي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن.

ڳوٺ گل ٻٻر، لال بخش ٻٻر، مريد ٻٻر  جا ماڻهون سالن کان تلائن ۾ بيٺل پاڻي پيئندا ٿا اچن ڪاڇي ۾ جيڪي واٽر سپلا اسڪيمون ڏنيون ويون آهن اهي ڪاغذي ڪاروائن ۾ مڪمل آهن باقي ڪاري وارا ڪک آهن  ڪاڇي ۾ 15 کان وڌيڪ واٽر سپلائي اسڪيمون رولڙي جو شڪار آهن جوهي شهر کي ٻاهرين ملڪن مان پاڻي جي اسڪيم ملي اها به 40 ڪروڙن جي اسڪيم هئي اها اسڪيم به 10 سالن کان مڪمل ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي علائقي واسي کڏن جو گندو پاڻي واپرائڻ سبب مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن ليڪن سنڌ حڪومت توڙي وفاق جي ڪنن تي جون ٻه نٿي چُري تڪ جا چونڊيل نمائندا به ووٽ وٺڻ وقت ظاهر ٿيا پر ڪامياب ٿيڻ کان بعد ٻين سالن کان لاپتا ٿي ويا آهن عوام انهن چونڊيل نمائندن جي بنگلن جو چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهي پر چونڊيل نمائندن کي عوام تي ترس نه آيو ٻي پاسي علائقي واسي اسپتالن ۾ صحت جي گولا ۾ پريشان رهن ٿا پر قوس گهر بڻيل ڪاڇي جون اسپتالون ڪروڙين روپين جون دوائون اسپتالن تائين پهچڻ کان اڳ ۾ گُم ڪيون وڃن ٿيون,دوائن ۽ سهولتن جي هٿرادو کوٽ سبب هزارين رهواسي دربدر ۽ پريشان رھن ٿا,ڪرپشن جي ڪري هيلٿ سينٽرن جي پوزيشن مورڳو بند ٿيڻ تي پهچي وئي آھي,ڊاڪٽرن ۽ صحت کاتي لاء ڪاڇي جون اسپتالون ڪمائي جو ذريعو بڻجي ويون آھن,ڪروڙين روپين جي بلڊنگن جي صحت کاتي طرفان مالڪي نه ھوئڻ ڪري اسپتالون کنڊرن ۾ تبديل ٿي ويون آھن,ڪاڇي جي شهر ڊرگھ بالا  حاجي خان,قصبو,پٽ گُل محمد,هيروخان واھي پانڌي ڇني ساوڙو ٽنڊو رحيم,سميت علائقي جي مختلف شهرن ۾ قائم بي ايڇ يو,۽ آر ايڇ سيز,صحت کاتي جي اعلا عملدارن ۽ ڊاڪٽرن لاء سوني جهرڪي مثل آھي,ڪاڇي جي اسپتالن مان ملڪيتون ٺاهڻ ۽ ڪمائي جو ذريعو بڻايو ويو آھي  ڪروڙن جون بلڊنگون ويران ۽ برباد ٿي ويون آھن,سرڪاري عملو پرائيويٽ جڳهن ۾ شفٽ ٿيل,اسپتالن ۾ نه بيڊ ,نه پاڻي,نه واش روم مريضن کي پٽ تي سمهاري علاج ڪيو وڃي ٿو,ڪرپشن جي شڪايتن تي سول مئجسٽريٽن سميت,سيڪريٽريز,اي ڊي اوز,ڊي ايڇ اوز ۽ ٻيا ڪيترائي اعلي آفسير وزٽ ڪري ويا پر ڪوبه کڙ تيل ئي نه نڪتو, اسپتالن جي وي آء پيز رومن ۾ علائقي واسين جو اناج,مرچ سڪائڻ,بھ, ڪاٺيون رکيل ۽ برساتن دوران چوپايو مال ٻڌو وڃي ٿو,مالڪي نه ٿيڻ ڪري لکين رپين جا در ,دريون بجلي جا پول,ڇتين جو لوھ  ڪڍي وڪڻيو ويو پر جانچ نه ڪئي وئي ,عوام جي نالي تي ايندڙ ڪروڙين رپين جون دوائون اسپتالن ۾ مقرر انتظاميه ۽ ڊاڪٽرن جي کوليل پرائيويٽ ڪلينڪن ۽ اسٽورن تان مريضن کي مهانگي اگهن تي دستياب ڪيون پيون وڃن, صحت کاتي پاران ملندڙ دوائن  مان مريضن کي گوري به نصيب نٿي رهي جنهن ۾ اينٽي بائيٽڪ ڪيپسول,گوريون,سرنجون,گلوڪوز ڊرپون,زهر جون انجيڪشنون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سيرپون,اسپتالن مان گُم ڪري ميڊيڪل اسٽور وارن کي ڀگڙن مٺ عيوض وڪرو ڪيون وڃن ٿيون جتي ,خريد وفروخت ناجائز وارن گورنمينٽ اسٽيمپن باوجود ڪيترين ئي املھ  دوائن جي هٿرادو کوٽ جو سبب ڏئي مريضن جو اسپتالن مان علاج خاطر اچڻ ئي بند ڪيو ويو آھي ,هيلٿ سينٽرن کي ڊاڪٽر گهرن جيان مرضي تي کولين ۽ بند ڪري هليا وڃن ٿا,ايمرجنسي دوران علائقي جي ڪنهن به هيلٿ سينٽر ۾ نه مرد نه عورت ڊاڪٽر مقرر ٿيل آھن,ڊيوٽي ٽائم جي ڪابه پابندي ۽ جهل پل نه هئڻ ڪري مريضن کي ڇڏي ڊاڪٽر آئوٽ پيشنٽ ڏسڻ هليا وڃن ٿا, جتي مريضن کي  ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڊاڪٽرن جي انتظار ۾ پريشان ڪيو وڃي ٿو,سمورن هيلٿ سينٽرز عملدارن ۽ ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون ۽ لکين رپين جا ميڊيڪل اسٽور کليل آھن,جتان ساڳيون دوائون مريضن کي ڏنيون پيون وڃن ,ايتري قدر جو دوائن کي مدي خارج قرار ڏئي ساڙيو ويندو آھي,ڪيترن ئي عطائي ڊاڪٽرن کي سرنجون ۽ ٻين دوائن جي ڳجھ ڳوھ ۾ فراهمي جا پڻ انڪشاف ٿي رهيا آھن,ٻه ڏھاڪا گذري وڃڻ باوجود ساڳيا عملدار اسپتالن ۾ مقرر آئوٽ ضلعن جا عملدار سهولتن جو جواز ڏئي مورڳو مقرر ئي نٿا ڪيا وڃن,عورتن,ٻارڙن,۽ مردن جي بيمارين جي چڪاس لاء صرف هڪ ڊاڪٽر ڊيوٽي تي مقرر ٿيل,اڪثر اسپتالن مان ايم ايس  غائب رهن ٿا, مريضن جو علاج وئڪسينيٽر ۽ ڪمپائونڊر ڪن ٿا,پوليو ڊيوٽين دوران اسپتالون بند ڪيون وڃن ٿيون جنهن سبب مريضن ويتر مشڪلاتن کي منهن ڏيندا رهن ٿا,سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتو پنهنجا ڪارا ڪرتوت لڪائڻ لاء  عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي پئي ڪري جيڪا سراسر نا اهلي آهي, ڪاڇي جي اسپتالن ۾ ڪي به سهولتون موجود ناهن جنهن ڪري,هتان جا هزارين مريض صبح ٿينديئي دادو ضلعي سميت ٻين شهرن۾ علاج خاطر دربدر ٿيندا رهن ٿا,عوائقي واسين وزير اعلي سنڌ,اينٽي ڪرپشن,نيب,سيشن جج دادو ۽ ٻين اعلي اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته خدارا ڪاڇي جي مسڪينن ماروئڙن جي سار سنڀار لهو ٻيو ڪجھ نٿا ڏائي سگهو پيئڻ جو صاف پاڻي ڏيو جيڪڏهن پاڻي به نٿا ڏئي سگهو ته زهر ئي ڏئي ڇڏيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.