ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڀارت ۾ پاڪستان جون تعريفون

احمد آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارتي دوري دوران پهرين ئي خطاب ۾ پاڪستان جي تعريف ڪري ڇڏي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دوري لاءِ ڀارت پهتو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سندس وڏي شاندار انداز ۾ آجيان ڪئي.

ٽرمپ سان گڏ خاتون اول ميلانيا ٽرمپ، ڌيءِ ۽ صدارتي صلاحڪار ايونڪا ٽرمپ ۽ ناٺي جير ڊڪشر به گڏ هئا.

آمريڪي صدر رياست گجرات جي شهر احمد آباد ۾ عوام کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت ۽ آمريڪا دهشتگردن ۽ انهن جي نظرين جي خلاف جنگ ۾ متحد آهن، ان لاءِ منهنجي حڪومت دهشتگردن خلاف ڪارروائي لاءِ پاڪستان سان گڏ مثبت انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي.

ٽرمپ چيو ته پاڪستان سان اسان جا سٺا لاڳاپا آهن جن ۾ ترقي ٿي رهي آهي، سندس ڪوششن جي ڪري پاڪستان سان گڏ اڳڀرائي جا اشارا نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، اسان ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ، استحڪام ۾ اضافي ۽ مستقبل ۾ ڀائپي لاءِ پراميد آهيون.

هن چيو ته آمريڪا ۽ ڀارت اسلامي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ گڏ آهن، منهنجي حڪومت داعش خلاف پوري فوجي طاقت سان ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ان جي خلافت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ۽ خليفه ابوبڪر البغدادي کي ماريو ويو.

ڀارت سان 3 ارب ڊالرن جي دفاعي معاهدن جو اعلان ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان وٽ دنيا جا بهترين هٿيار موجود آهن ۽ ڀارت سان دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيندي اسان هن کي دنيا جا خطرناڪ ترين هٿيار ڏينداسين، ڀارت جي آجيان کي هميشا ياد رکندس،اسان جي دلين ۾ ڀارتين لاءِ خصوصي جاءِ آهي.

ٽرمپ ڀارت جي مذهبي ڀائپي کي ساراهيندي چيو ته ڀارت ۾ هندو، مسلمان، سک، جين ۽ عيسائي پنهنجي پنهنجي مذهبن جي عبادت ڪندا آهن، اوهان هڪ قوم جيان هميشه مضبوط بڻجي رهو، ڀارت غير معمولي طور تي ڳچ آبادي وارو ملڪ آهي جيڪا دنيا جي سڀ کان وڏي جهموريت آهي ۽ هن ملڪ جو عوام معزز ۽ مضبوط آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.