استاد يا اسٽاف ميمبر کي ڪو شوڪاز نوٽس جاري نه ڪيو:ترجمان

ڪراچي ( پ ر )  سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي بابت ڪجهه اخبارن ۾ جاري خبرن جي حوالي سان سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ترجمان پاران اهو واضح ڪيو ويو آهي ته يونيورسٽي جي ڪنهن به استاد يا اسٽاف ميمبر کي ڪو به شوڪاز نوٽس جاري نه ڪيو ويو آهي.

البته ڪجهه عناصر جي طرفان سوشل ميڊيا تي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ٽيچرز ايسوسيئيشن جي حوالي سان هلندڙ خبرن متعلق وضاحت طلب ڪئي وئي آهي ته اهي ايسوسيئيشن جي قانون مجاز ادارن طرفان جاري ٿيندڙ رجسٽريشن سرٽفڪيٽ ۽ ان سان لاڳاپيل قانوني دستاويزن جي ڪاپي جمع ڪرائين. جاري ڪيل وضاحتي خط به خبر سان گڏ منسلڪ آهي.سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي طرفان اهو واضح ڪيو ٿو وڃي ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پاڪستان جي آئين ۽ قانون مطابق ايسوسيئيشن جي حق کي تسليم ڪري ٿي ۽ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي Statutes قانون ۾ پڻ ايسوسي ايشن جي حوالي سان تفصيلي قانون پڻ موجود آهن. پاڪستان جي قانون جي مطابق ڪنهن به ايسوسي ايشن وٽ هيٺيان چار قانوني لوازمات هجڻ ضروري آهن. جن جي غير موجودگي ۾ ايسوسي ايشن جو قيام غير قانوني تصور ڪيو ويندو. اهي چار هن ريت آهن؛الف، مجاز سرڪاري اداري/محڪمي وٽان ان تنظيم جو جاري ٿيل رجسٽريشن سرٽفڪيٽ. ب، آرٽيڪل آف ميمورنڊم حڪومت جي مجاز اداري جي طرفان تصديق ٿيل، اغراض ۽ مقصد، قانون (لاز ۽ بائي لاز). ت، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي (ڪنڊڪٽ) اسٽيچوز 2014 جي سيڪشن 26 (2) جي مطابق يونيورسٽي وٽان جاري ٿيل Recognition Letter. ث، حڪومت پاڪستان جي فنانشل قائدن مطابق تنظيم جي نالي سان استعمال ٿيندڙ بينڪ اڪائونٽس جو سرٽفڪيٽ ۽ تفصيل
اهو واضح ڪيو ٿو وڃي ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي قائد اعظم محمد علي جناح جي مادر علمي آهي ۽ صرف قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿي ۽ پسند ۽ ناپسند کان هٽي ڪري هميشه قانون ۽ قائدن جي پوئواري ڪري ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.