سنڌ رڳو عطائين جي حوالي ڇو؟

مرتضيٰ لغاري

جيڪڏهن زبان کي صحيح وقت تي سچ لاءِ کوليون، اهو اسان جي وس کان وڏو ٿيندو پيو وڃي، خبر ناهي ڇو..؟

اسان جو معاشرو هميشه لاشعور رهيو آهي،  هونئن ته اوهان اڪثر ڏٺو هوندو ته علم تقسيم ڪندڙ استادن مٿان هر ڪنهن جي ڪاوڙ هوندي آهي، اسان اهو ڪڏهن ناهي سوچيو ته جنهن منزل تي اسان هوندا آهيون، ان منزل تي پهچائڻ وارا به استاد ئي هوندا آهن، پر اسان هميشه سچ کي تسليم ڪرڻ کان انڪاري رھيا آھيون، ڇو ته سچ جي تپش اسان کان برداشت ناهي ٿيندي، جيئن اسان تعليم ۽ تعليمي درسگاهن کي اهم قرار ڏيون ٿا ائين ئي اسان جي صحت لاء صحت مرڪز به اهم آهن، عالمي ليول تي جيڪي شيون فري آف ڪاسٽ ڪيون وڃن ٿيون، انھن ۾ تعليم، صحت ۽ روزگار آهن.

سڌريل ملڪن ۾ حڪومتون اهي شيون مفت ڏينديون آهن ۽ اهي به معياري ، پر افسوس ان ڳالھ جو آھي ته اسان جي مُلڪ ۾ صحت جي ڪا به سھولت فري آف ڪاسٽ نٿي ڏني وڃي ۽ جيڪڏھن جيڪا ملي به اٿي ته اُھا ڪنھن ڪم جي ناھي، هتي اسان رڳو سانگھڙ جي ڳالھ ڪنداسين ته سانگهڙ ۾ صحت جا ادارا ڪيئن ڪم ڪري رهيا آھن.

سانگهڙ شهر اُهو شهر آهي، جتي اڪثر چيو ويو آهي ته هتان جو پاڻي صحت لاءِ سخت نقصانڪار آهي، ان پاڻي مان هيپاٽائيٽس جھڙيون هاڃيڪار بيماريون جنم وٺن ٿيون، اُھو ان ڪري ڇو ته سانگھڙ ضلع ۾ قدرتي گيس ۽ تيل تمام گھڻي مقدار ۾ ملي ٿو ۽ سانگھڙ جي ٻھراڙين يا شھر جا ماڻھو خاص ڪري زمين جو پاڻي واپرائين ٿا ۽ اُنهيءَ پاڻي ۾ سيڪروفلوسوس مليل آھي، تنھن ڪري اھو پاڻي کاڌي ھضم ڪرڻ جي لاءِ ٺيڪ ناھي ۽ ماڻھو مُسلسل اھو پاڻي واپرائڻ جي ڪري جگر جي بيماري ۾ مبتلا ٿيو وڃن ٿا،  پر ان حوالي سان حڪومت طرفان ڪي به خاص قدم ناهن کنيا ويا.

ها بلڪل سانگهڙ ضلعي ۾ هڪ بهترين ۽ عاليشان سول اسپتال جي بلڊنگ ضرور آهي، پر اڪثر ماڻهن وٽان اهو ٻڌون ٿا ته سول اسپتال سانگهڙ ريفر سينٽر بڻجي چڪي آهي، هڪ نه پر کوڙ اهڙا واقعا ملندا، علائقي جا مسڪين بيماري جي حالت ۾ جڏهن سول اسپتال ۾ پير رکندا آهن ته اها ئي اميد هوندي اٿن ته اسان جي سٺي ٽريٽمينٽ ڪئي ويندي ۽ اسان صحتياب ٿي نڪرنداسين، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اُهي ئي مريض تڙپي تڙپي بي يارو مددگار ٿي عطائي ڊاڪٽرن جو رخ ڪن ٿا، مريضن کي سول اسپتال مان ڪو لاڀ حاصل ناهي، ڇو جو اول ته سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر هوندا ئي ناھن جيڪڏھن ھُوندا آھن ته دوان ناھي ملندي، ڪجهه ڏينهن پهريان سوشل ميڊيا تي هڪ  دوست لالچند وشناڻي سول اسپتال جي لائيو وڊيو ڏيکاري. رات جا 8 ٿي رهيا هئا ۽ لالچند جي والده سيريس حالت ۾ سول اسپتال سانگهڙ آندي وئي هئي پر ان ٽائيم ڪو ڊاڪٽر موجود نه هو ۽ هو ويچاري تڙپي رهي هئي، آخرڪار مجبور ٿي هو پرائيويٽ اسپتال هليو ويو. ۽ اهڙا ٻيا به کوڙ سارا واقعا ملن ٿا، جيئن هيئنر ويجهڙائي جي ڳالهه آهي ته سول اسپتال سانگهڙ ۾ هڪ عورت اسپتال جي اڳيان فرش تي ٻار کي جنم ڏنو، رب جا ڪرم ٿيا جو خير ٿي ويو نه ته نقصان ڪنهن جو ٿئي ھا ۽ ذميوار ڪير هجي ها.؟ ڇا هي ظلم ناهي؟ جيڪي ادارا عوام جي خدمت لاءِ ٺاهيا ويا آهن، خدمت ته ٺهيو پر ابتڙ عذاب ۽ تڪليف پئي ملي.!!

سوشل ميڊيا تي هر صحافي توڙي عام ماڻهو صحت جي حوالي سان روئي روئي هيڻا ٿي ويا آهن، پر ڪا به ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي آخر اسپتال لاءِ جيڪي دوائون اچن ٿيون، اهي ڪاڏي وڃن ٿيون؟ هزارين روپيا پگهار کڻندڙ ڊاڪٽر پنهنجي ڊيوٽي سان مخلص ڇو ناهن؟ڇا انهن جو ضمير ملامت نٿو ڪري؟ ان طرف گورنمينٽ جو ڪو به ڌيان ناهي، باقي عطائي ڊاڪٽرن مٿان هر روز سٽڪو آ۔  اوهان پنهنجي ضمير کان فيصلو وٺو ڇا عطائي ڊاڪٽر اسان جي فائدي ۾ ناهن، مڃون ٿا پئسا وٺن ٿا، پر اهڙو ظلم ته نٿا ڪن مريضن کي ائين تڙپائن ته نٿا، حيرت ته ان ڳالهه تي آهي ته سرڪاري ڊاڪٽر سول اسپتال ۾ نظر ڪونه ايندو پر پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ تي سٺي نموني سان مريضن جو علاج ڪندي نظر ايندو، حڪومت کي گهرجي اهڙن ڊاڪٽرن خلاف سخت ايڪشن کڻي، عطائين خلاف تڏهن ئي مهم ڪامياب ٿيندي، جڏهن ته سرڪاري اسپتالن کي سڌاريو وڃي، ڊاڪٽرن جي اسپتال ۾ موجودگي کي يقيني بنايو وڃي ۽ دوائون موجود رکيون وڃن، اسان جي اپيل آهي ته خدارا انسانذات تي رحم ڪيو  ۽ ٻٽي پاليسي وارو ڪاروبار بند ڪيو، آخر اوهان کي به اڳتي هلڻو آ.!!!

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.