ڪوٽڏيجي ۾ جيالن جو پ پ اڳواڻن جي ميڊيا ٽرائل خلاف احتجاج

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه ۽ صوبائي وزير امتياز شيخ جي خلاف ميڊيا ٽرائل ٿيڻ خلاف پيپلزپارٽي طرفان انجمن تاجران خيرپور جي سرپرست اعليٰ لالا فرقان شيخ  جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو،  ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه خلاف هرون ڀريون سوشل ميڊيا تي ڪوڙي پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي هنن چيو ته ايم اين اي نفيسه شاهه خلاف سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون پوسٽون رکي ان جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ مخالف ڪري رهيا آهن ته جيئن نفيسه شاهه وفاقي حڪومت جون ناڪاميون عوام سامهون نه آڻي پر ايم اين اي نفيسه شاهه جيلاني هر فورم تي نااهل حڪومت جي ناڪامين کي عوام جو سامهون آڻيندي ۽ پارليمنٽ ۾ آواز اٿاريندي.6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.