وزيراعظم ۽ آرمي چيف جو برف پوڻ سبب جاني نقصان تي افسوس جو اظهار

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ برف پوڻ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڇِپون ڪرڻ سبب متاثر ٿيل ماڻهن کي هنگامي بنيادن تي هر قسم جي امداد جي فراهمي جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم جو چوڻ هو ته عوام کي هنگامي بنيادن تي امداد جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ قومي اداري، فوج ۽ سڀني وفاقي وزارتن کي هدايتون جاري ڪيون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم برفباري ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب نقصان کانپوءِ پنهنجون سموريون مصروفيتون ڇڏي ڏنيون آهن ۽ هو سڀاڻي آزاد ڪشمير جي متاثر علائقن جو دورو ڪندو.

ٻئي پاسي آرمي چيف به آزاد ڪشمير ۾ بلوچستان ۾ متاثرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب جنرل قمر جاويد باجوا نيلم وادي ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ سان جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو.

آرمي چيف پاڪ فوج کي ريڪسيو ۽ رليف آپريشن ۾ سول انتظاميا جي مدد جي به هدايت ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته آرمي هيلي ڪاپٽر متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.