ماڪڙ حملي جي سنگين مسئلي تي وفاق توڙي سنڌ سرڪار غير سنجيده ، اٽو سئو رپيا ڪلو ٿيڻ جو خدشو

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي آبادگارن، سنڌ ۾ ماڪڙ جو خاتمو نه ٿيڻ جي صورت ۾ هلندڙ سال ڪڻڪ جي فصل جي تباهيءَ جو امڪان ظاهر ڪندي اٽي جو اگهه هڪ سئو روپيا ٿيڻ ۽ سنڌ سميت ملڪ ۾ سنگين فوڊ سيڪيورٽي جو انديشو ظاهر ڪندي سنڌ سرڪار جي غير سنجيدگي تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو  آهي ته وفاق پاران مدد نه ڪرڻ جي صورت ۾ به سنڌ سرڪار بنا دير پنهنجي وسيلن تحت ماڪڙ مار مهم شروع ڪري ته جيئن ڪڻڪ سميت ٻيا فصل ۽ آبادگار معاشي طور تي تباهه ٿيڻ کان بچي سگهن، ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۽ قمبر-شهدادڪوٽ کانپوءِ خيرپور ضلعي جي تعلقي سوڀوديرو سميت سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ ماڪڙ تباهيءَ مچائي ڇڏي آهي، هن وقت تائين سنڌ ۾ ماڪڙ 12 هزار ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ ۽ سرنهن جا فصل کائي تباهه ڪري ڇڏيا آهن، هن چيو ته ڄاڻايل ضلعن ۾ ماڪڙ وڏي پيماني تي حملو ڪري ڏنو آهي، سمورا فصل ماڪڙ کائي ناس ڪري ڇڏيا آهن، آبادگارن جي ڪا به واهر نه ٿي سگهي آهي، جيڪي هن وقت تائين وفاقي توڙي صوبائي حڪومت طرفان رليف نه ملڻ جي صورت ۾ بي يارو مددگار آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ ماڪڙ جو ٽيون نسل تيار ٿي چڪو آهي، حڪومت جي نااهلي سبب ايڏي وڏي ماڪڙ تيار ٿي چڪي آهي، جيڪا لڳاتار فصلن تي حملا ڪري سنڌ جي زرعي معيشت کي کوکلو ڪري رهي آهي پر افسوس آهي جو هن وقت تائين وفاقي حڪومت طرفان ماڪڙ مار اسپري ڪرائڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا، هن چيو ته ماڪڙ مار مهم لاءِ وفاقي حڪومت هڪ جهاز خيرپور ۽ هڪ نوابشاهه ۾ گهرائي خالي اڏائي واپس ايئرپورٽن تي بيهاري ڇڏيا آهن، انهن جهازن ذريعي اسپري ڪرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت دوا ئي ناهي ڏني، هن وقت تائين خيرپور، نوابشاهه ۽ ڇور جي علائقن ۾ جهازن ذريعي ٿيل اسپري جي باوجود هڪ به ماڪڙ ناهي مئي، هن چيو ته هن وقت تائين ماڪڙ سنڌ ۾ 12 هزار ايڪڙ تي ڪڻڪ ۽ فصل جا فصل کائي تباهه ڪري ڇڏيا آهن، ماڪڙ جو خاتمو نه ٿيو ته هن سال ڪڻڪ جو فصل تباهه ٿي ويندو ۽ ان سان سنڌ ۾ اٽي جو اگهه هڪ سئو روپيا في ڪلو تائين ٿيڻ سميت ملڪ ۾ سنگين فوڊ سيڪيورٽي جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي وس جي ڳالهه نه رهندي، هن چيو ته آبادگار حڪومت جي رويي مان سخت مايوس ۽ پريشان آهن، حڪومت ماڪڙ واري معاملي تي ڪا به سنجيدگي اختيار ناهي ڪئي، سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوک 20 آڪٽوبر کان ٿي چڪي آهي، ڪڻڪ جو ڏيڍ مهيني جو فصل ماڪڙ کائي ختم ڪري ڇڏيو آهي، هن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته وفاق پاران مارڪڙ مار مهم شروع ڪرڻ ۾ مدد نه ڪرڻ جي صورت ۾ به سنڌ سرڪار پاڻ پنهنجي وسيلن مان صوبي اندر جنگي بنيادن تي جهازن ۽ فور ويل گاڏين وسيلي مارڪڙ خلاف اسپري مهم شروع ڪئي وڃي ته جيئن وڌيڪ فصل ۽ آبادگار تباهه ٿيڻ کان بچي سگهن،17

سبي، ڪوهلو ۽ ٻين علائقن ۾ به ماڪڙ پهتي

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي علائقن سبي، ڪوهلو، ڪڇي ۽ هرنائي ۾ به ماڪڙ پهچي وئي، پلانٽ پروٽيڪشن آفيسر ٻڌايو ته مڪران ۽ رخشان ڊويزن ۾ به فصلن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، بلوچستان ۾ پهتل ماڪڙ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل کائي ستياناس ڪري ڇڏيو آهي، آبادگارن کي مٿي تي هٿ اچي ويا آهن.

وڏي وزير جو خسرو بختيار سان رابطو، ماڪڙ اسپري لاءِ جهاز ڏيڻ جو مطالبو

ڪراچي( رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير  سيد مراد علي شاھ  وفاقي وزير خسرو بختيار سان ٽيليفون تي رابطو ڪري سنڌ صوبي ۾ ماڪڙ سان متاثر علائقن ۾ اسپري لاءِ پلانٽ پروٽيڪشن کاتي جا جهاز ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، وڏي وزير  چيو ته لاڳاپيل کاتي ۾ فنڊ نه هجڻ، دوائن ۽ پائليٽ جي کوٽ  کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت 10 ملين روپين جي فوري گرانٽ به منظوري ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ماڪڙ جي خاتمي لاءِ اسپري ڪري سگھجي، ڪالهه وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ زراعت کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾  ماڪڙ کان متاثر علائقن جو فوري سروي ڪرڻ جي هدايت ڪئي ڪئي وئي، اجلاس دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاھ   نيشنل فوڊ سڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزير خسرو بختيار سان ٽيلي فون تي رابطو ڪيو ۽ کيس صوبي ۾ ماڪڙ جي حملي ۽ انڪري وڏي پيماني تي فصلن جي خرابي جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاھ ڪيو،   سيد مراد علي شاھ وفاقي وزير کي چيو ته سندس انتظام هيٺ پلانٽ پروٽيڪشن ڊپارٽمينٽ وٽ موجود اسپري جي جهاز جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، هن  چيو ته ماڪڙ جي ڪري صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ بيٺل فصل کي نقصان رسيو آهي ۽ اڃان به ڊپ آهي ته ماڪڙ جي حملي سان وڌيڪ نقصان ٿيندو، وڏي وزير  چيو ته ڄاڻايل وفاقي اداري وٽ وسيلن جي گهٽتائي سبب سنڌ حڪومت 10 ملين روپين جي گرانٽ به منظور ڪري ورتي آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته فوري طور تي متاثر علائقن ۾ جهاز جي ذريعي اسپري جو ڪم سرانجام ڏنو وڃي، ان کان پهرين  اجلاس ۾ صوبي ۾ ماڪڙ جي حملن سان فصلن کي ٿيل نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو .

ماڪڙ فصل تباهه ڪري ڇڏيا، بلاول سنڌ تي ڌيان ڏئي: حليم عادل

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي سينيئر اڳواڻ سنڌ اسمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ  چيو آهي ته وزير اعظم سنڌ ۾ به پنجاب وانگر ٻهارو ڦيرائي، ڪرپٽ پي ايس پي آفيسر حڪومت لاءِ بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن، ڪرپشن جي ڪري پي ايس پي آفيسرن جو اميج خراب ٿي رهيو آهي جيڪي ڪرپٽ آفيسرن انهن کي صوبي کان ٻاهر موڪليو وڃي، ڪالهه سنڌ اسمبلي جي ڪميٽي روم ۾   ايم پي اي اسلم ابڙو، ڊاڪٽر سعيد آفريدي، دعا ڀٽو  سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته بلاول ڪشمير کي فتح ڪرڻ بجاءِ سنڌ تي ڌيان ڏئي  جتي سندس حڪومت عوام کي پيڙهي رهي آهي، ايڊز وڌي چڪو آهي ٿر ۾ ٻارڙا مري رهيا آهن هن چيو ته ماڪڙ سنڌ جي مختلف ضلعن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي،  سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي پروڊڪشن آرڊر لاءِ گهرايو ٿو وڃي عوامي مسئلن تي ڪوبه ڌيان ناهي، هن چيو ته ٻيلي کاتي جي زمينن کي قانوني طور قبضو ڪرڻ لاءِ منصوبا جوڙيا پيا وڃن اعجاز شيرازي کي  فاريسٽ کاتو گفٽ طور ڏنو ويو آهي، هن چيو ته دعا منگي کي ڪراچي ۾ اغوا ڪيو ويو، دادو ۾ ٻارڙي کي ڪاري ڪري قتل ڪيو ويو، وزير اعليٰ ناڪام ٿي چڪو آهي، واهي پانڌي واقعي ۾ جيڪي به ملوث آهن انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي،

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.