فضيلا سرڪي ساڍن 12 ورهين کان قيد، وارثن جو احتجاج

ٺل (ن ع آ) ٺل ڀرسان پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي ڳوٺ ڳڙهي حسن سرڪي مان ساڍا 12 سال اڳ اغوا ٿي ويل 8 ورهين جي معصوم نينگري فضيلا سرڪي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد نه ٿي سگهي آهي،نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي جي لاءِ انتظاميه جون ڪيل ڪوششون مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪيون آهن،مغوي نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي جي لاءِ وارثن جو احتجاج هلندڙ آهي،ڪالهه نينگري جي والد عبدالرزاق سرڪي پاران پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو،نينگري جي والد چيو ته ساڍا 12 سال گذري وڃڻ جي باوجود پوليس انتظاميه مغوي نينگري فضيلا سرڪي کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي،پوليس ڪيس کي بند ڪري ڇڏيو آهي،پوليس ٻين مغوين کي بازياب ڪرائي سگهي ٿي پر منهنجي نياڻي جي بازيابي جي لاءِ ڪوبه قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي،هن مطالبو ڪيو ته منهنجي نياڻي فضيلا سرڪي جي بازيابي جي ڪيس ۾ پهريان سرڪي جوابدارن ڪريم بخش،قادر بخش، الله ورايو ۽ بابو سرڪي کي گرفتار ڪري جاچ ڪئي وڃي،ٻئي صورت ۾ منهنجو احتجاج جاري رهندو.6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.