ڳڙهي ياسين ۾ ماڪڙ ديرو ڄمائي ڇڏيو، آبادگار پريشان

ڳڙهي ياسين (ن ع آ) ڳڙهي ياسين تعلقي جي مختلف علائقن  ڳهڻو واهه، ڊپٽي بنگلو، نم شريف، ڳوٺ شهباز سيلرو، محمد صلاح ککراڻي، اڱڻ خان ککراڻي، ڪاڪپوٽا، ٿرڙي، رئيس محمد نواز ديناري سميت تعلقي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ماڪڙ  ديرا ڄمائي ڇڏيا، سرهه جي پوکيل فصلن ڪڻڪ ، سرنهن ، لوسڻ ، هنڌاڻو ، مٽر سميت ٻين فصلن کي ماڪڙ کائڻ شروع ڪري ڇڏيو، هوڏانهن آبادگار هارين پاران پنهنجي زمينن ۾ ٽڪاءُ هڻڻ، دونهون ڪرڻ سميت پنهنجي مدد پاڻ تحت ماڪڙ ڀڄائڻ وارا طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن،  ان حوالي سان آبادگارن  ارث الله خان سيلرو، خاندورو جعفري، غلام اصغر جعفري، شاهه محمد ديناري، عبدالستار جعفري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  ماڪڙ  مختلف علائقن ۾ پهچي سرهه جو پوکيل فصل کائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، دانهڻ باوجو ڪو به زراعت عملدار علائقي ۾ نه پهتو آهي،  هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته ماڪڙ جي خاتمي لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺي  ماڪڙ جو خاتمو آندو وڃي.  هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر شڪارپور خدابخش ڪلوڙ ٻڌايو ته مون ڊي سي شڪارپور سميت ايگريڪلچر جي اعليٰ عملدارن سان رابطو ڪيو آهي ته ماڪڙ جي خاتمي لاءِ شڪارپور ضلعي جي ڪجهه علائقن ۾ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ اسپري ڪرائي وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.