شهباز شريف جون لنڊن ۾ ڳالهيون…!

لنڊن(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو ته ميان نواز شريف ملڪ جو اثاثو آهي الله هن کي جلد صحتياب ڪري.

تفصيل موجب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف جا مختلف ٽيسٽ ڪيا ويا آهن دعا ڪيو الله هن کي جلد صحتياب ڪري.

شهباز شريف موجب نواز شريف جا ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ ٽيسٽ ڪيا ويندا، ٽيسٽ جون رپورٽون اچڻ کان پوءِ مرض جي سڃاڻپ ٿيندي.

مسلم ليگ ن جي صدر چيو ته ڊاڪٽر نواز شريف جي پليٽيليٽس جي گهٽتائي جو پتو لڳائيندا، مرض جي سڃاڻپ ٿي وڃي پوءِ نواز شريف جو باقاعده علاج ٿيندو.

هن چيو ته مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف ملڪ جي خدمت ڪئي آهي هو ملڪ جو اثاثو آهي، الله تعاليٰ هن کي جلد صحتياب ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.