ڪارونجهر خلاف ٿيندڙ سازش تي سنڌ حڪومت خاموش ڇو؟

غازي بجير

سنڌ ثقافت جو اهڃاڻ رهي آهي، اها سنڌ جيڪا صوفين، درويشن ۽ اوليائين جي ڌرتي آهي، سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، پر بدقسمتي چئبو ته انهن قدرتي وسيلن تي اسان جو حق تسليم نه ٿو ڪيو وڃي. انهي ڪري سنڌ سورن ۾ آهي. سنڌ ڌرتي جو پُٺتي پيل خطو ٿرپارڪر جيڪو ڪوئلي سميت قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، ٿر جي هڪڙي ئي تعلقي اسلام ڪوٽ ۾ 185 ارب ٽن ڪوئلو موجود آهي، ڪوئلي تي ڪم هلي رهيو آهي، نه رڳو ڪوئلو پر هتي اهڙا ته معدني وسيلا موجود آهن، جنهن تي وقت جي حڪمرانن ڪو به ڌيان ناهي ڏنو. هن وقت جيڪو اهم اشو هلي رهيو آهي، اهو آهي ڪارونجهر کي ڪوري ڪٽڻ، ڪارونجهر جيڪو سنڌ جو صدين پراڻو ثقافتي ورثو آهي، انگريزن جي دور کان وٺي ڪارونجهر پنهنجي سڃاڻپ الڳ رکي آهي. ڪارونجهر مختلف طريقن سان پنهنجي حيثيت رکي ٿو، پر هاڻي ڪارونجهر نشاني تي اچي ويو آهي، ڪارونجهر جي هنج ۾ ڪيترائي معدني زخيرا موجود آهن. انهن ۾ چائينا ڪلي، گرينائيٽ پٿر، لوڻ جون کاڻيون ۽ ٻيا وسيلا آهن پر اُهي وسيلا مقامي ماڻهن کي ڪوبه فائدو ناهن پهچائي سگهيا. سمورن معدني وسيلن جون ليزون ڌارين حوالي ٿيل هجڻ ڪري اُهي ڌُريون وسيلن تي قابض ٿيل آهن، جيڪي انهن کي هڙپ ڪري وڪرو ڪري رهيا آهن. ڪارونجهر جو گرينائيٽ جو قيمتي پٿر جيڪو به ڪوري ڪٽي کنيو پيو وڃي، انتهائي قيمتي پٿر آهي، رڳو ڪارونجهر جبل به نه انهن جون جيڪي ٽُڪريون آهن انهن کي ختم ڪيو پيو وڃي، پُراڻين ليزن بهاني ڪارونجهر کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، گرينائيٽ جو قيمتي پٿر جنهن تي سگهارين ڌُرين جون ميريون اکيون کُتل آهن، اُهي ڌريون گرينائيٽ پٿر سميت ڪرش ريتي کڻي رهيون آهن پر ڪير به پڇڻ وارو ڪونهي، ڪارنجهر جبل جون 44 ٽُڪريون به موجود آهن، ڪارونجهر جبل واري علائقي جي 108 تيرٿ ۽ تاريخي ماڳن جو ذڪر ڪيو آهي، جن مان ڪجھ نالا هي آهن، ساڙڌرو، گئومکي، انچليسر(هي تيرٿ مٿانهين جاءِ تي آهي، مٿي چڙهڻ لاءِ 99 ڏاڪڻيون ٺهيل آهن) جهرڻو ٻاين جو ٻيسڻو ( هي هڪ ڳجهي غار آهي، جتي سوڍن، انگريزن سان جنگ دوران پنهنجي عورتن ۽ ٻارن کي لڪائي رکيو هو) ويلڙيو جو چشمون، تيرٿيو، انڌي جي ويري، انڌاريو اجواڙيو، کوڙي جهارو، ٻاڙ ڌڙو، کاروڙو، ماڏيوڙي، گنگا ٻاڻ، انڌاريو، سيل ماتا، چئو ويڙي ويري تڪيو، چندن گڍ (سوڍن جي هن قلعي کي انگريزي فوجن توبن سان ڊاهي ڇڏيو هو) يم ڪن،کارا جهارا چشمون سڄو ڪارونجهر جبل هڪ اعليٰ ۽ اتم قسم جي سنگ مرمر (گرينائيٽ ) جو ٺهيل آهي،انهي کان سواءِ هن علائقي ۾ ڪارونجهر جي سلسلي جون ڪجهه ڌار ننڍيون ۽ وڏيون ٽڪريون ۽ ٽڪر مختلف ڳوٺن جي ڀر ۾ پڻ موجود آهن، انهن مان ڪجهه ٽڪرين جا نالا هي آهن، 1 کارسر واري ٽڪري، 2 ساڪرويري واري ٽڪري، 3چڻيندا واري ٽڪري، 4چوڙيو واري ٽڪري، 5ڏينسي واري ٽڪري، 6ووڙائو واري ٽڪري، 7ڄام خان واري ٽڪري، 8واڌڙائي واري ٽڪري، 9 ڏونگري واري ٽڪري، 10راڻپور وارو ٽڪر (هن ٽڪر وٽ پاڻي جو ڊئم به آهي)، 11ڪاڙڪي واري ٽڪري، 12ڍيڍ ويرو واري ٽڪري، 13پاڙو ڌري واري ٽڪري، 14 ڪرهه ٽڪري، 15سانڪڙ ٽڪري، 16رتي ترائي واري ٽڪري، 17سيهڙيون واري ٽڪري، 18ڪاري ڏونگري، 19ساڏورس واري ٽڪري، 20 ٻهراڻو ٽڪري، 21 راڙڪوئو ٽڪري، 22 آسالڙي ٽڪري، 23 ڌڱاڻو ٽڪري، 24 سوٽهڙن جي وانڍئي واري ٽڪري، 25 کارڙيو ٽڪري، 26 جينجهو ٽڪري، 27 ٻوڙن وارو ٽڪر، 28 ڪيريو ناڪو وارو ٽڪر، 29 ڏاتي جي ٽڪري، 30 ڌناگام واري ٽڪري، 31 خاناڻي واري ٽڪري 32، رامجي جي وانڍيئي واري ٽڪري، 33 وستي جي وانڍيئي واري ٽڪري، 34 ڪپورڙي واري ٽڪري، 35 مڪي واري ٽڪري، 36 ندي جي وانڍيئي واري ٽڪري، 37 موڪڙيئي واري ٽڪري، 38 راوتو جي وانڍيئي واري ٽڪري.39 آڏاڻي جو وانڍيو واري ٽڪري، 40 ڪوراسري واري ٽڪري، 41 اوڪاڻي واري ٽڪري، 42 کاروڙو واري ٽڪري، 43ڀڪي واري ٽڪري، 44 ڏونگري مهراج واري ٽڪري اهو به موجود آهن انهن ٽُڪرين کي به ڪوري ڪٽي کنيو پيو وڃي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: خودڪشي سماج کي سزا ڏيڻ جو نالو آهي!

اهڙي عمل بعد عوامي آواز ميڊيا گروپ ڪارونجهر جو آواز بڻيو. عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران شايع ڪيل اسٽوري ۾ سنڌ جي گهڻگهرن جامي چانڊيو، سجاد چانڊيو، حليم عادل شيخ، عبدالرزاق راهمون، عباس کوسو، ارباب احسان سميت هر انهي ماڻهو ڪارونجهر کي ڪوري ڪٽڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي جيڪو ڪارونجهر سان بي انتها پيار ڪندڙ هو. سنڌ جي سپوتن اهو مطالبو ڪيو هو ته ڪارونجهر کي ختم ڪرڻ جون سازشون بند ڪري کين نيشنل پارڪ جو درجو ڏيئي ليزون سموريون رد ڪيون وڃن. اهڙي اسٽوري جڏهن عوامي آواز جو زينت بڻي ته سنڌ حڪومت سميت اکين تي پٽيون ٻڌل ضلعي انتظاميا ته نوٽيس نه ورتو پر عدالت سڳوري انهي تي فورن ايڪشن ورتو. سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙ جيڪو ٿر جي ماروئڙن ۽ مارئي جي ديس واسين سان بي انتها پيار ڪري ٿو، جنهن جا کوڙ سارا ثبوت اسان ڇاپي چڪا آهيون، مشتاق احمد ڪلوڙ صاحب جيڪو هر انهي ٿر جي مسئلي تي نوٽيس وٺي ٿو جيڪو هتان جو بنيادي مسئلو هوندو آهي. نيٺ اهو ئي ٿو جنهن جي ٿر واسين کي عدالت سڳوري مان اميد هئي، ڪارونجهر کي ڪوري ٽُڪي پٿر کڻڻ بابت عوامي آواز ۾ جئين اسٽوري شايع ٿي ته سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙ انهي جو نوٽيس وٺندي منرل اينڊ مائينس معدنيات واري کاتي جي ڊائريڪٽر کان فورن رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. اهڙي عدالتي نوٽيس بعد سڄي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين عدالت سڳوري جي اهڙي عمل کي تمام گهڻو سارهايو آهي.  انهي سان گڏ عدالت سڳوري مان اها اُميد به ظاهر ڪئي آهي ته ڪارونجهر کي ڪوري ڪٽڻ تي پابندي مڙهي ليزون رد ڪيون وڃن. سنڌ واسين سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙ کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي تاريخي ثقافتي ورثي کي ڪرڻ جون سازشون ناڪام بڻائي ڪارونجهر کي بچايو وڃي. سنڌ واسين سنڌ حڪومت کان به مطالبو ڪيو آهي ته ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏياري سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي ڪارونجهر کي ڏنل ليزون فوري طور رد ڪيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.