جاپان ۾ خطرناڪ سامونڊي طوفان تباهي آڻي ڇڏي

 

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن جي خطرناڪ طوفان سبب فوتين جو انگ 19 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 12 کان وڌيڪ گم آهن.

مقامي ميڊيا رپورٽن موجب ان طاقتور سامونڊي طوفان سبب جاري سخت برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال جي نتيجي ۾ 140 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.

اهو سامونڊي طوفان ڇنڇر جي شام جاپاني ڪنارن سان ٽڪريو هو.

اختيارين جو چوڻ آهي ته ان سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ جاري برساتن سبب ملڪ جي 14 درياهن ۾ ٻوڏ جي صورتحال آهي، طوفان جي نتيجي ۾ جاپان جي اتر اوڀر ۾ ڪانٽو ۽ ڪوشن جا علائقا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.