[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ احتجاجن جو ڪير وٺندو نوٽيس…..” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190808Jamshoro Pkg-09.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]
ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽي جي آفيسر ايسوسيئيشن ۽ ملازم تنظيم سيوا پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اي سي ٽو ٻاهران ڌار ڌار احتجاج ڪيا ويا
ملازمن سيد سجاد علي شاھ , ڪاشف ناريجو ، سچل سرمست جويو , ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هيو ته سنڌ يونيورسٽي جي آفيسرن کي هر سال ملندڙ ليو انڪيشمينٽ هن ڀيري مالي خسارو ڄاڻائي نه پئي ڏني وڃي، جنهن سبب آفيسرن ۾ بيچيني پکڙيل آهي ,
وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت پاران رجسٽرار ۽ ڊائريڪٽر فنانس جهڙن اهم عهدن تي من پسند ۽ ٽيچنگ سائيڊ جا ماڻهو ويهاريا ويا آهن، جيڪي وائيس چانسلر جي اشارن تي هلي رهيا آهن
هنن چيو ته جيڪڏهن يونيورسٽي ۾ مالي خسارو آهي ته يونيورسٽي کي ملندڙي ڪروڙين رپيا ڪيڏانهن ٿا وڃن انهن جي به جاچ ٿيڻ گهرجي.
هنن مطالبو ڪيو آهي ته آفيسرن کي عيد کان پهريان ليو انڪيشميٽ ڏني وڃي ٻي صورت ۾ عيد کان پوءِ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي……………