[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: جهڏي ۾ پوليس ڳوٺاڻن کي ڇو تنگ ڪندي آهي؟ تفصيل هن رپورٽ ۾” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190806Jhddo Pkg-09.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]
جهڏي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پاران پوليس جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو ويو.
ڪارڪنن ڪلوئي، ناھڙ لغاري، وهاب ڪلوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميڊيا سينٽر ٻاهران پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حيات خاصخيلي پوليس پوسٽ جا اهلڪار ڳوٺ سرائي مبارڪ وٽ پل تي بيهي ايندڙ ويندڙ ڳوٺاڻن کان جهڙتي وٺڻ جي بهاني رشوت گهري رهيا آهن
هنن چيو ته رشوت نه ڏيڻ تان ڳوٺاڻن تي تشدد ڪرڻ سان گڏ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي هيسايو پيو وڃي.
احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ڳوٺاڻن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي……………………