[zoomsounds_player artistname=”رپورٽ: ٻانڌي ۾ قلم ڌڻين کي ڌمڪيون ڏيندڙ خلاف ڇو نه ٿي ڪارروائي؟؟” songname=”عوامي آواز رپورٽ” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190718Bandhi Pkg-08.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]
ٻانڌي ۾ قلم ڌڻين پاران گرلس هاءِ اسڪول جي هيڊماسترياني جي پٽ جي ڌمڪين خلاف احتجاج ڪيو ويو.
امتياز جمالي، حاجي احمد، محمد اسحاق، غلام سرور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.
هنن چيو ته گرلس هاءِ اسڪول جي هيڊ مسٽريس پاران ڇهين ڪلاس ۾ داخلا وٺڻ لاءِ آيل شاگردياڻين کي داخلا نه ڏني وئي.
قلم ڌڻين چيو ته هيد ماسترياڻيءَ شاگردياڻين کان ٽيسٽ وٺڻ بهاني کين ٽيسٽ ۾ فيل ڄاڻائي مليل ڪتاب واپس وٺي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
سندن چوڻ هو ته هيڊ ماسترياڻي نجمه آرائين خلاف خبر هلائڻ تي سندس اوباش پٽ عبدالواسع آرائين صحافين تي ڏمرجي ڌمڪيون ڏنيون.
صحافين، اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نياڻين کي اسڪول ۾ داخلا نه ڏيندڙ نجمه آرائين خلاف ڪاروائي ڪندي کيس فوري طور معطل ڪيو وڃي ٻيءَ صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو