شاه عبدلطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ احتجاج جي پويان ڪهڙا محرڪات آهن !

ابوذر غفاري 

شاه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ، سنڌ جي ٽيون نمبر وڏي جنرل يونيورسٽي آهي جنهن ۾ غريب اپاهج  لاچار ، مزدورن جا ٻارڙا تعليم پرائي چڪا آهن ۽ پرائي رهيا آهن ۽ سنڌ جا وڏا سياستدان بيورو ڪريٽس پڻ شاه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان تعليم پرائي چڪا آهن ، خيرپور شاه عبدالطيف يونيورسٽي کي اڄ به مادر علمي ۽ شان مان سان ڏسندي وڏي خوشي ٿيندي آهي ۽ اعلي افيسر بيورو ڪريٽس سياستدان پنهنجي اولاد کي پڻ ان يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ جا خواهش مند آهن ، شاه عبدلطيف يونيورسٽي خيرپور ڪجھ عرصي کان سازشن جي نشاني تي رهي آهي چند مفاد پرست پنهنجي مفاد خاطر ڪڏهن اندروني سازشن کي اڀارڻ لاء ڪوششن ۾ رڌل آهن ۽ جڏهن پهچي ناهن سگهندا ته بيرورني قوتن کي استعمال ڪرڻ لاء پنهنجا اثر رسوخ استعمال ڪندا رهيا آهن ، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ، جتي ماڻهو روزگار ڪندو آهي اتي وڏو محتاط رهڻو پوندو آهي ۽ سچائي نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻو پوندو آهي ، ٻاهرين قوتن کي شٽ آپ ڪال ڏني ويندي آهي پر هتي ڪجھ عرصي کان هڪ مفاد پرست ٽولو صرف پهنجن مقصدن جي حصول لاء عوام ، شاگردن توڙي شاگردياڻين کي پريشان ڪرڻ تالا بندي ڪرائڻ لاء سنڌ ۾ پنهنجي ئي يونيورسٽي کي ۽ ان جي اميج کي خراب ڪرڻ لاء هڪ سندرو ٻڌي بيٺا آهن جيڪو افسوس ناڪ عمل چئجي ته گهٽ نه هوندو !
هڪ عورت وائس چانسلر خيرپور شاه  عبدالطيف يونيورسٽي سيد زادي جنهن ڪيترا شعبا بند پيل کولرايا جنهن ڪرپشن جهيڙي موضي مرض کي ٻنڊو ڏنو جنهن ڪيترا سٺا ڪم پڻ ڪيا جيڪي ڪيتري عرصي کان نه ٿيڻ جوڳا هيا پر افسوس ته سوشل ميڊيا تي هڪ چند عناصرن پاران ٺاهيل فورم صرف هڪ عورت ۽ ٻيو سيد زادي جي زاتيات تي لکندو رهيو پر بغير ثبوتن جي سبب ڇا هيو ته ڪجھ نوڪريون گهرجن ، يا ميرٽ جي لتاڙ ڪري پنهجن ڇوڪرن جي بغير ٽيسٽ جي داخلا ورتي وڃي ڇا اهيو عمل اخلاق تدبر جي دائري ۾ آهي نه ڪنهن ثبوت جو هجڻ صرف عزتدار ماڻهن جي عزت نفس مجروح ڪرڻکي حق سچ چئي سگهجي ٿو ته اهڙي حق سچ کان بس ڀلي آهي
ها اسين اهيو نٿا چئون ته يونيورسٽي۾ سڄي انتظاميا کير جي ڌوتل پاڪ صاف شفاف آهي بلڪل به نه ائين نه آهي ، ڪرپشن هر جڳھ ڪينسر جهيڙي موضي مرض جيان پکڙيل آهي جنهن جو اعلاج تڪڙو ته نٿو ٿي سگهي پر ان ۾ ڪوشش ڪري ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو .
چند مهينا پهريان ڌرڻو گيٽ ٻاهران لڳايو ويو جنهن ۾  ڪجھ تماشبينن گاريون ڏنيون لعنتون وڌيون سنڌ جي نوجوانن کي غلط استعمال ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ۽   يونيورسٽي جي گيٽ ٻاهران ڌرڻو هڻايو ويو جنهن جو جو نه ڪو منشور هيو نه هدف نه ئي وري ڪو خطر خواه ثبوت جيو بري طرح ناڪام ٿيو .سبب هيو ته ڪجھ حصو گهرجي ڇا ائين انقلاب پيدا ٿيندا آهن ڇا ائين ادارن جي   ٽڪراء سان معاملات بهتر ٿيندا هر گز نه ان کي بيوقوفي ئي چئجي  سگهجي ٿو .
وري تازو نئون محاذ کوليو ويو آهي  شاه عبدالطيف ايمپلائيز ويلفير اسيوسيئشن پاران ۽ تالا بندي ڪئي وئي آهي جنهن سبب عام ماڻهو شاگرد ۽ يونيورسٽي جو ڪارنهوار ٺپ لڳو پيو آهي ڇا ڪاڻ ته ٽي کان چار مرتبا يونيورسٽي انتظاميا سان ڳالهيون ٿيون وري اهي ڪنهن بي جا سبب جي ڪري نه حل ٿي سگهيون
جئين عيد واري ڏينهن عيد نماز کان بعد هڪ تنظيم جي اڳواڻ غلام علي ملاح جي سرپرستي ۾ پريس ڪلب خيرپور ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ شاه عبدالطيف يونيورسٽي انتظاميا کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو
انهن ايمپلائيز تنظيمن جي اڳواڻن جا مطالبا ڪجھ هن ريت آهن اسان کي پروموشن ڏنو وڃي اسان جا مطالبا مڃيا وڃن پر بندوق ۽ ڏاڍ جي زور تي تعليمي ادارن تي حاوي ٿيڻ يا زور زبردستي سان معاملات ڪڏهن به ناهن ٿيندا پر معاملات حل ٿيندا آهن ڳالهين جي ذريعي ،!
هاڻي آچون ٿا معاملات حل ٿيڻ باوجود وري ٻيو رينگٽ ڪهڙو آهي جڏهن يونيورسٽي ايمپلائيز يونين ۽ انتظاميا پاران معاملات حل ٿيا ۽ انکان بعد وري ٻين معاملات ڪر کنيو ۽ يونيورسٽي پرو موشن ڪاميٽي پاران اڻهتر پٽيوالن کي ترقيون ڏنيون ويون چوتاليھ بس ڪلئيرس کي چار مان وڌائي پنجين اسڪيل ۾ پروموٽ ڪيو ويو ، جڏهن ته اسٽورڊ چوڏهين گريڊ مان سورينهن گريڊ ۾ مقرر ڪيو ويو ۽ اهم ڳالھ اهيا آهي ته جيڪي پڙهيل لکيل تعليمي قابليت جي اعتبار سان پٽيوالن کي ڪلارڪ طور فائينل ڪيو ويو جيڪو بهترين ۽ ساراھ جوڳو عمل  آهي
ڏهن سالن کان سوپئير طور ڪم ڪندڙن کي پروموٽ ڪري پنج اسڪيل ۾ ڪيو ويو دوستن کي اهيو به سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪجھ شين ۾ بهتري آئي آهي ته اها هن حاليه وائس چانسلر سيده پروين شاه جي دور ۾ آئي آهي ها ڪجھ ڪم نه به ٿيا هوندا پر جيڪي ٿيا آهن انهن جي وکاڻ ٿيڻ گهرجي
شاه عبدالطيف يونيورسٽي کي سنڌ حڪومت مسلسل نظر انداز ڪري رهي آهي بجيٽ جيڪا ملڻ گهرجي اها ناهي ملي سگهي ته معاملات ڪئين حل ٿي ٿا سگهن  اهو نا ممڪن آهن
پر شاه عبدلطيف يونيورسٽي انتظاميا پاران بار بار اهيو چيو ويو ته شاگردن ۽ عوام جي مفاد خاطر تالا لڳائڻ سٺو عمل ناهي تالا بندي نه ڪئي وڃي ان سان ڪافي عوام کي مشڪلات پيش آچي رهي آهي ۽ يونيورسٽي جي ساک متاثر ٿي رهي آهي هڪ مسئلو حل ٿئي ٿو ته ٻيو مسئلو هٿرادو پيدا ڪيو وڃي ٿو  هڙتال احتجاج ڀلي رڪارڊ ڪرايو پر عوام ۽ شاگردن کي ۽ انهن جي معاملات کي حل ڪيو وڃي پر خبر ناهي ڪهڙي سازش طور ان هڙتال احتجاج کي هوا ڏني پئي وڃي ڇا ڪاڻ ته معاملات ڪجھ حل ٿيندا به آهن ڪجھ جون نه هجڻ جو سبب به هوندو آهي
پر برحال منهجو مختصر خلاصو اهيو آهي ته سازشن کان پنهنجي يونيورسٽي کي بچايو اهيا اوهان جو مان آهي شان آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.