رپورٽ: وارھه: شهري بنيادي مسئلن جي حل لاءِ 46 ھين ڏينھن به بک هڙتال تي ويٺل

عوامي آواز رپورٽ
وارھه: شهري بنيادي مسئلن جي حل لاءِ 46 ھين ڏينھن به بک هڙتال تي ويٺل
عوامي آواز رپورٽ وارھه: شهري بنيادي مسئلن جي حل لاءِ 46 ھين ڏينھن به بک هڙتال تي ويٺل

 

وارھ شھر جي بنيادي مسئلن جي حل لاء 46 ھين ڏينھن به بک هڙِتال ڪري  وارهه پريس ڪلب  اڳيان احتجاج ڪيو ويو .

شهرين رياض ڪلھوڙو. امداد چانڊيو .ايڊوڪيٽ ايازعلي کھاوڙ. سرائي بلاول کهاوڙ جي اڳواڻي ۾  احتجاج ڪري مطالبا پورا ڪرڻ جي گهر ڪئي.

 اڳواڻن جو چوڻ آھي ته وارھ ٽائون ڪاميٽي ۾ سوين جي تعداد ۾ ٻاھران ملازم ڀرتي ڪيا ويا آھن جيڪي مقامي بي روزگار نوجوانن تي  ڌاڙو هنيو ويو آهي.

 هنن چيو استپال ۾ ڊاڪٽر مريضن جو علاج ڪرڻ بدران انهن کي خانگي اسپتالن ڏانهن روانو ڪن ٿا ۽ مسڪين ماڻهو خانگي اسپتالڻ ۾ پاڻ ڦرائي موٽن ٿا،

 هنن چيو ته  شھر اندر دڪاندار غير معياري گيھ مدي خارج کير ۽ ٻيون عام واھپي جون شيون غيرمعياري وڪرو ڪري رھيا آھن جن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ وارھ شھر کي نادرا آفيس ڏني وڃي ٻي صورت ۾ ھي احتجاج جاري رھندو ..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.