ڏهرڪي ۾ نيب ٽيم ٽن فلور ملن تي ڇاپا هڻي سرڪاري ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ ڪرڻ بعد ملن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.
سکر جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رضوان احمد جي اڳواڻي ۾ ٽيم فقير فلور مل، فائيو اسٽار فلور مل ۽ عبدالحق فلور مل تي ڇاپا هڻي سوين سرڪاري ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ ڪري ورتيون.
نيب ٽيم فلور ملن مان اَٽي جو رڪارڊ تصديق ڪرڻ بعد سرڪاري ڪڻڪ جي ٻورين وارن گدامن کي سيل ڪري ڇڏيو.
فلور ملز مالڪن پاران سرڪاري ڪڻڪ جي ٻورين جي رڪارڊ بابت سهڪار نه ڪيو جنهن تان نيب اختيار ملن سمورو رڪارڊ پنهنجي قبضي ۾ وٺي جاچ شرو ڪري ڇڏي آهي.