لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اين مورگن جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستاني ٽيم جي هٿان ملندڙ شڪست کي اڃا تائين وساري ناهيون سگهيا. هڪ انٽرويو دوران اين مورگن چيو ته اسان سيمي فائنل ۾ هڪ بهتر ٽيم هٿان شڪست کاڌي پر هن ڀيري ورلڊ ڪپ جي دٻاءَ کي بهتر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ پراعتماد آهيون. سندس چوڻ هو ته چيمپيئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ ناڪامي کانپوءِ دريسنگ روم ۾ اسان جي ٻن شين تي بحث ٿيو هو، هڪ اهو ته ڇا اسان هڪ بهتر ٽيم کان هارايو آهي يا وري اسان کي اهڙي وڪيٽ تي کيڏڻ سبب ناڪامي ٿي، جيڪا اسان جي لاءِ موزون نه هئي، اسان بعد ۾ به اهڙين ئي وڪيٽن تي سڊني ۽ ويلنگٽن ۾ ڪرڪيٽ کيڏي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي، پوءِ ان نتيجي تي پهتاسين ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ اسان کي هڪ بهتر ٽيم هٿان شڪست ملي هئي.