اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جو شيڊول طئي ٿي ويو آهي جنهن تحت سومر کان باضابطا ڳالهيون شروع ٿينديون. عالمي مالياتي فنڊ جو جائزه مشن ڊائريڪٽر ارنسٽو رميريز ريگو جي سربراهيءَ ۾ 29 اپريل تي پاڪستان پهچندو ۽ ست مئي تائين پاڪستان ۾ ترسندو جنهن دوران آءِ ايم ايف جائزه مشن مختلف ادارن جو دورو ڪندو، نئين پروگرام لاءِ 29 اپريل کان باضابطا ڳالهيون شروع ٿينديون. ذريعن موجب ناڻي واري وزارت سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي خط جاري ڪيو آهي ۽ آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ ايف بي آر سميت لاڳاپيل وزارتن کان ڊيٽا طلب ڪئي وئي آهي جائزه مشن سان ڳالهين لاءِ 9 مهينن جي اقتصادي انگن اکرن تي ٻڌل ڊيٽا تيار ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي، ناڻي واري وزارت جي هدايت تي ايف بي آر جي سمورن لاڳاپيل ونگز ڊيٽا گڏ شروع ڪري ڇڏيو آهي.