ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي سرڪار پاران پيٽروليم جي شين جي قميتن ۾ اضافي جي خلاف داخل درخواست تي وفاق پاران جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، عدالت مهلت ڏيندي 16 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس آغا فيصل تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار مولوي اقبال حيدر پنهنجي موقف پيٽروليم جي شين ۾ اضافو آئين جي ڀڃڪڙي آهي. حڪومت پارليمنٽ جي منظوري جي بغير قيمتن ۾ اضافو نه ٿي ڪري سگهجي. موجوده سرڪار آئين جي آريٽڪل 77 جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.0430