ڪوٽڏيجي: مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ٻه ڄڻا زخمي

ڪنب  ويجهو  مهراڻ نيشنل هاءِ  وي تي ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻه  ڄڻا زخمي  ٿي پيا.

 حسيني شاخ وٽ  ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ آصف علي گوپانگ ۽ آصف علي بروهي زخمي ٿي پيا.

 زخمين کي ڪنب جي خانگي  اسپتال داخل ڪيو ويو زخمين مان آصف علي بروهي جي حالت نازڪ هجڻ ڪري خيرپور سول اسپتال رفر ڪيو ويو .

ڪنب پوليس حادثي واري هنڌ پهچي  ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آخري اطلاع تائين ڪنب ٿاڻي تي حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو………………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.