وارسا (ويب ڊيسڪ) دنيا جي سڀ کان ننڍي جهاز پولينڊ جي هوا ۾ پهرين اڏام ڀري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. ننڍو جيٽ جهاز هڪ منٽ ۾ پنج هزار 9 سئو فٽ اونچائيءَ تي پهچي سگھي ٿو. ست سئو ڪلو وزن رکندڙ جهاز ۾ پنج ماڻهو سفر ڪري سگھن ٿا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ان جهاز جي هڪ ٻئي خاص ڳالهه اها آهي ته ان جو اندروني حصو ڪنهن لگزري ڪار جيان ڊيزائن ڪيو ويو آهي. پنجن سيٽن تي ٻڌل ان جهاز کي ڏکڻ اوڀر پولينڊ ۾ موجود زائي لونا گور نالي ايئرپورٽ تان اڏايو ويو جنهن کي ڏسندڙ دنگ ٿي ويا، جهان جو زون 700 ڪلو گرام آهي. دنيا جي سڀ کان ننڍ جي جي رقم تقريبن ٻه ملين يورو آهي، ان جهاز کي تيار ڪندڙ ڪمپني جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ اهڙا وڌيڪ جهاز ٺاهيا ويندا. ڪمپني موجب هلندڙ سال ڄاڻايل طرز جا وڌيڪ جهاز تيار ڪري وڪري لاءِ پيش ڪيا ويندا، ان کي ٺاهڻ ۾ اعليٰ ۽ جديد قسم جو ڌاتو استعمال ڪيو ويو آهي. پنهنجي نوعيت جي ان منفرد جهاز سموري دنيا جي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like