ڪوئيٽا ۾ ٻه ليويز اهلڪار قتل

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي علائقي شهباز ٽائون ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ليويز اهلڪار قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

فائرنگ جو اطلاع ملندي ئي امدادي ادارن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن پهچي مقتولن جي مڙهن ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو.

ايڌي ذريعن موجب مارجي ويل ٻنهي ليويز اهلڪارن جي سڃاڻپ محمد صدام ۽ محمد زئي گلستان جي نالي سان ٿي آهي، جن جو واسطو بلوچستان جي ضلعي قلعي عبدالله سان آهي.

هوڏانهن سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

You might also like