نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) مردان جي يونيورسٽي احاطي ۾ انتها پسندن هٿان شهيد ٿي ويل مشال خان جي ڀيڻ نيويارڪ مان بائيو ميڊيڪل انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪري ورتي آهي.
استوريا خان اها ڪاميابي پنهنجي ڀاءُ جي نالي ڪري ڇڏي آهي.ٽوئيٽر تي گريجوئيشن تقريب جون تصويرون پوسٽ ڪندي.
هن چيو ته هن نيو يارڪ جي اسٽيٽ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي.ستاره پنهنجي ڪاميابي کي شيئر ڪندي وڌيڪ لکيو ته مان پنهنجي ڊگري شهيد علم مشال خان کي وقف ڪريان ٿي.
سوات ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ آواز بلند ڪندڙ نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي جي والد ضياءُ الدين يوسفزئي به پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي تصويرون شيئر ڪندي استوريا خان مشال کي مبارڪباد ڏني.