ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسمياتي تجزئي نگار ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ اڄ شام تائين هلڪي برسات جو امڪان 40 کان 50 سيڪڙو آهي.
موسمياتي تجزئي نگار جواد ميمڻ طرفان ڪراچي ۾ برسات جي صورتحال جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته گرمي وڌڻ تي عربي سمنڊ ۾ ڪڪر ٺهيا ته ڪراچي ۾ ڪڻ ڪڻ ۽ هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته اولهه هوائن جو هڪ ٻيو سسٽم پهرين اپريل کان بلوچستان ۾ داخل ٿي سگهي ٿو ۽ اهو سسٽم 5 کان 6 اپريل تائين اثرانداز رهندو.
سندس موجب سسٽم جو وڌيڪ اثر وچئين، مٿئين ۽ اتر حصي ۾ پوندو، جڏهن ته سنڌ ۾ ان سسٽم تحت برسات جو امڪان ناهي.
هن اهو به ٻڌايو ته رمضان المبارڪ جي ٻئي ڏهاڪي جي آخر ۾ گرمي پد وڌي سگهي ٿو.