لاڙڪاڻو(ڊ ر) حيدري ٿاڻي جي پوليس حد ۾ ڏوهارين سان مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان ٻڌايو ته گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ بلال عرف بلو ولد علي گوهر ڀٽو طور ٿي آهي، شروعاتي جاچ موجب گرفتار ڏوهاري سرگرم ۽ پوليس کي انتهائي گهربل هو جيڪو لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڏوهن ۽ ڪيسن ۾ ملوث آهي جنهن جو مڪمل ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.