پاڪستان ۾ سياري جي موسم شادين جي موسم سمجهي ويندي آهي ۽ هن سال به اسان ڏٺو ته ڪيترائي شوبز فنڪار شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا ۽ اهو سلسلو رمضان جي ڀلاري مهيني تائين جاري رهندو آهي، جتي پاڪستاني شوبز انڊسٽري جا جوڙا شاديون ڪري رهيا اتي هاڻي پاڪستان جا مشهور ٽڪ ٽاڪر به جيون ساٿي چونڊي رهيا آهن