ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) مُلڪ ۾ سون جي اگهه اڄ ٻه سئو رُپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جو في تولو ٻه سئو رُپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک چار هزار ٽي سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ڏهه گرام سون جي قيمت 172 رُپيا لاٿ کانپوءِ هڪ لک 75 هزار هڪ سئو 54 رُپيا ٿي وئي آهي.
انکانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ سون پنج ڊالر واڌ کانپوءِ 1870 ڊالر في اونس جو ٿي ويو آهي.