شاديءَ جو هڪ ٻيو وڏو فائدو سامهون اچي ويو

 

شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ عمر وڌڻ سان دماغ کي صحتمند رکڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو ۽ ديمينشيا جهڙي ذهني مرضن جو خطرو گهٽجي ٿو.

اها ڳالهه ناروي ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.

نارويجن انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ هيلٿ جي تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته طلاق يافته ۽ سڄي زندگي اڪيلا رهندڙن جي ڀيٽ ۾ وڏي وقت تائين شريڪ حيات سان زندگي گذاريندڙن ۾ ڊيمينشيا جو خطرو گهٽ هوندو اهي.

اها پهرين تحقيق ناهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شادي شدا هجڻ ڊيمينشيا جو خطرو گهٽائي ٿو.

محققن موجب ڪيترين ئي تحقيقي رپورٽن ۾ شادي شدا ماڻهن ۾ ڊيمينشيا جي خطري ۾ گهٽتائي کي دريافت ڪيو ويو ۽ اسان جي نتيجن سان به انهن شاهدين کي هٿي ملي آهي.

محققن دريافت ڪيو ته شادي شدا هجڻ ۽ معمولي ذهني مسئلن جي خطري وچ ۾ ته ٺوس تعلق ناهي پر ڊيمينشيا جي خطري ۾ گهٽتائيءَ جي حوالي سان اهو تعلق واضح آهي.

هنن ٻڌايو ته شريڪ حيات سان گڏ رهندي عمر وڌڻ سان دماغ کي وڌيڪ تحفظ فراهم ٿيندو آهي.

ان تحقيق جا نتيجا جرنل آف ايجنگ اينڊ هيلٿ ۾ ڇپيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.