ڪنڌ ڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌ ڪوٽ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي فيسٽ ايڊيشنل سيشن جج محمد علي قريشي جي عدالت ۾ منشيات جي ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار غلام رسول عرف تولو ولد ڪيھر نندواڻي کي 9 سال قيد ۽ 80 ھزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏيو جوابدار مٿان ڪجھه مھينا اڳ بخشاپور ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ٿيو ھو جنهن ۾ چارھزار گرام چرس رکڻ جو ڏوھ ۾ سزا آئي فيصلي بعد جوابدار کي سکر سينٽرل جيل موڪليو ويو .