برازيل ۾ سياسي ڇڪتاڻ وري وڌي وئي

برازيل جي صدر لولا ڊي سلوا چونڊجن جي ٻن هفتن کانپوءِ آرمي چيف ۽ ڪيترن ئي سينيئر آفيسرن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي . ڇاڪاڻ ته اڳوڻي صدر بولسنارو جي حمايت ڪندڙن نه رڳو چونڊ نتيجن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر نئين صدر جي حلف کڻڻ جي هڪ هفتي کانپوءِ پارليامينٽ، صدارتي محل ۽ سپريم ڪورٽ جي عمارت تي پڻ حملو ڪيو.لٿل آرمي چيف کي  اڳوڻي صدر بولسنارو طرفان اقتدار جي آخري هفتي ۾ مقرر ڪيو ويو ۽ صرف 21 ڏينهن ان عھدي تي رھيو.

برازيل ايراضي ۽ آبادي جي لحاظ کان ڏکڻ آمريڪا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي ۽ ڏهن وڏن صنعتي طاقتن مان هڪ آهي. هن وسيع سلطنت تي آمريڪي حمايت سان 1964ع کان 85 سالن تائين سڌي فوج جي حڪومت هئي. مسلسل ڇهه فوجي جنرل صدارتي ڪرسي تي ويٺا. فوج جي گرفت مضبوط ٿي وئي ۽ معيشت بحران جي وري چڙھي وئي.ناڻي واڌ ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري ويو ۽ ملڪ قرض ۾ ڦاسي ويو.گذريل ارڙهن سالن کان برازيل ۾ صدارتي نظام آهي ۽ فوجي حڪومت جو تاريخي اثر سولين راڄ جي تسلسل جي ڪري ڪمزور ٿيو آهي پر فوجي اڃا تائين ساڄي ڌر جي سوچ ڏانهن جھڪيل آھن.صدر لولا ڊي سلوا کي روايتي قدامت پسندن طرفان شڪ جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته سندس پس منظر مزدور يونين اڳواڻ وارو آھي.

لولا ڊي سلوا ٽيون ڀيرو صدر ٿيو. ان کان اڳ هو 2003ع کان 2010ع تائين اقتدار ۾ رهيو. بعد ۾ هن کي ڪرپشن جي الزام ۾ سزا ڏني وئي. 2018ع جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان نااهل قرار ڏنو ويو پر پوءِ مٿس لڳايل الزام واپس ورتا ويا.ھن وقت برازيل جي راڄڌاني ۾ اهم سرڪاري عمارتن تي مظاهرين جي حملن کانپوءِ ملڪ جي هڪ عدالت اعليٰ حڪومتي اهلڪارن جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.برازيل جي صدر جو چوڻ آهي ته فوج جا آفيسر احتجاج ڪندڙن جي حمايت ڪري رهيا هئا، جنھن ڪري اھڙو قدم کنيو ويو آھي،هن گذريل ڏينهن ۾ ڪيترين ئي فوجي آفيسرن کي سندن عهدن تان برطرف ڪيو آهي.جڏهن ته، اڳوڻي صدر  اهڙن احتجاجن تي ڀڙڪائڻ ۾ ملوث هجڻ جي الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

صدر لولا هاڻي ورهايل ماحول ۾ حڪومت جي نظام کي هلائڻ جي سخت چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن ڀيري اليڪشن کان اڳ واري مهم به ڪافي جارحاڻي هئي، جنهن کانپوءِ لولا سخت مقابلي ۾ 50.9 سيڪڙو ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.