پنجاب ۾ هلندڙ سياسي جنگ ڪٿي رڪجي ئي نٿي ؟

مبصر

اڳوڻي وزيراعظم جو ڪمال اھو ئي آھي تھ ھو ڪنھن بھ ڳالھھ کي تڪراري بڻائڻ جو ھنر ڄاڻي ٿو سو ھاڻي وري پنجاب جي نگران وڏي وزير کي تڪراري بڻائڻ لاءِ  ان جي خلاف ميدان تي نڪري آيو آھي.ھن اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو آھي،محسن نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير بڻائڻ خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته نگران وڏي وزير جو مقصد غير جانبدار امپائر ھئڻ گھرجي ھا پر ھاڻي اهڙي حڪومت ٺاهي ويندي جيڪا ڪنهن جي به حق ۾ نه هوندي.

هن چيو ته اسان ناصر کوسا جو نالو ڏنو هو، جيڪو شهباز شريف جو چيف سيڪريٽري ۽ نواز شريف جو پرنسپل سيڪريٽري هو ۽ اسان سوچيو تھ ان تي کين ڪو اعتراض نه هوندو، پوءِ احمد سکيرا جو نالو ڏنو جيڪو  ڪابينا جو سيڪريٽري آھي،ان بعد نويد اڪرم چيما جو نالو ڏنو ويو، جنهن کي مان سڃاڻان بھ نٿو.عمران خان موجب خيبرپختونخواهه ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) اعظم خان جونالو ڏنو تھ  اسان ان کي قبول ڪيو ۽ اڄ هو وڏو وزير بڻجي آهي.

هن محسن نقوي جي مقرري تي اليڪشن ڪميشن مٿان تنقيد ڪندي تعصب جو الزام لڳايو ۽ چيو ته اسان جي حڪومت خلاف سڀني کان وڌيڪ سازش ۾ محسن نقوي ملوث ھو. مونکي اھي رپورٽون آءِ بي وارن ڏنيون ھيون.هن چيو ته اڳوڻو آرمي چيف اصل ماسٽر مائينڊ هو پر ان جي آس پاس جي رانديگرن ۾ جنهن جو نالو سڀ کان وڌيڪ سامهون آيو اهو محسن نقوي هو، جنهن کي زرداري پنهنجو پٽ ڪري سڏيندو هو.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هن 2008ع ۾ 35 لک رپيا نيب کي واپس ڪيا، اعتراف ڪيو ته مون چوري ڪئي ان ڪري رقم واپس ڪري رهيو آهيان.عمران خان جو چوڻ آھي تھ ھن ۾ نھ تھ  نگران وڏي وزير جو اخلاقي معيار آهي ۽ نه غير جانبداري جي صلاحيت آهي،جڏهن اسان جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿي رهيو هو ته ان ۾ ھن جو هٿ ھو، ھن اھو بھ الزام ھنيو تھ سموري ڪاموراشاھي جيڪا ھنن جي خلاف آھي اھا مقرر ڪئي وئي آھي.

هن چيو ته حڪومت کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ اسان آئين جي دائري ۾ رهي احتجاج ڪيو پر 25 مئي تي ظلم ڪيو ويو ۽ هاڻي ڊپ آهي ته ساڳين ماڻهن کي پنجاب ۾ واپس آندو ويندو.عمران خان چيو ته ان طريقي سان صاف ۽ شفاف چونڊون نه ٿينديون، پر افراتفري شروع ٿي رهي آهي،انھن چونڊن سان ملڪ کي ڪو بھ فائدو نھ رسندو.عمران خان چيو ته اسان عدالت ۾ آهيون ۽ پڇنداسين ته آئين ۾ واضح طور تي گورنر کي چيو ويو آهي ته جڏهن ڪا حڪومت استعيفيٰ ڏئي ٿي ته 48 ڪلاڪن اندر تاريخ ڏيڻ لازمي آهي ته چونڊون ڪهڙي ڏينهن ٿينديون، پر هينئر تائين پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي گورنرن تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو. هن چيو ته چونڊون رمضان کان اڳ ٿيڻ گهرجن، ان معاملي تي عدالت ۾ به وينداسين، ڇاڪاڻ ته آئين ۾ واضح آهي ته اسيمبليون ٽوڙڻ کانپوءِ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن.

واضح رهي ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پاران نگران وڏي وزير لاءِ جوڙيل ٻه طرفي پارلياماني ڪميٽي مقرر وقت ۾ ڪنهن نالي تي اتفاق نه ڪري سگهي هئي، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن نگران وڏي وزير جي چونڊ ڪئي هئي.

حڪومت طرفان پرويز الاهي، سردار احمد نواز سکيرا ۽ نويد اڪرم چيما جا نالا تجويز ڪيا ويا هئا، جڏهن ته مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز نگران وڏي وزير لاءِ محسن نقوي ۽ احد چيما جي نالن جي توثيق ڪئي هئي.

اليڪشن ڪميشن اجلاس کانپوءِ اعلان ڪيو ته محسن نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي، محسن رضا نقوي خانگي ميڊيا هائوس جو مالڪ آهي ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جو تمام ويجهو سمجهيو ويندو آهي.

سيد محسن نقوي جو تعلق جھنگ جي سيد گهراڻي سان آھي،ھو 1978ع ۾ لاهور ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم ڪريسنٽ ماڊل اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد گورنمينٽ ڪاليج (جي سي) لاهور ۾ داخلا ورتائين، جتان گريجوئيشن ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم آمريڪا جي  اوهيو يونيورسٽي مان ورتائين.

هن آمريڪا مان صحافت ۾ ڊگري حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هن سال 2000ع ۾ آمريڪي نيوز چينل سي اين اين ۾ پروڊيوسر جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪئي ۽ کيس ننڍي عمر ۾ ئي ’ريجنل هيڊ سائوٿ ايشيا‘ جي عهدي تي فائز ڪيو ويو، ھي اھو دور هو جڏهن آمريڪا سميت پرڏيهي فوجون افغانستان ۾ نائن اليون بعد داخل ٿيون ھيون،تن ڏينھن ۾ محسن نقوي سي اين اين لاءِ رپورٽنگ ڪئي.لنڪڊان تي ھن جي پروفائل موجب محسن نقوي صرف 31 سالن جي عمر ۾ 2009 ۾ سٽي نيوز نيٽ ورڪ جو بنياد وڌو ۽ صحافت جي پيشي ۾ پنهنجي سڃاڻپ پيدا ڪئي.ساڳئي تنظيم تحت لاهور مان هڪ مقامي اخبار ’روزاني سٽي 42‘ پڻ شروع ڪئي.

هن وٽ هڪ ميڊيا چينل جي مالڪ جي حيثيت سان سندس چڱي شهرت آهي، جيڪو پنهنجي ساٿين جو خيال رکندو آهي ۽ انهن کي بهتر موقعا ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.سيد محسن نقوي هڪ خانگي چينل جي مالڪ هجڻ سان گڏ سياسي حلقن ۾ به مشهور شخصيت آهي.

صحافي مجيد نظامي جو چوڻ آهي ته محسن نقوي، مرحوم ايس ايس پي اشرف مارٿ جو ناٺي، چوڌري پرويز الاهي جي ڀاڻيجيءَ جو مڙس ۽ مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت جي پٽ سالڪ حسين جو سنڊو آهي.محسن نقوي کي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آصف علي زرداري جو تمام ويجهو سمجهيو ويندو آهي.

مجيد نظامي موجب، هن ئي چوڌري شجاعت کي پي ڊي ايم سان ڳالهين لاءِ قائل ڪيو ھو.اپوزيشن ليڊر حمزا شهباز پاران نگران وڏي وزير لاءِ موڪليل ٻن نالن ۾ محسن نقوي جو نالو به شامل  ھو.

هڪ خانگي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان محسن نقوي کي وڏو وزير تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي الزام هنيو ته هي اهڙو شخص آهي جنهن ن ليگ کان وڌيڪ اسان کي نقصان پهچايو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ مونس الاهي ٽوئيٽ ۾ لکيو هو ته هي اهو شخص آهي جيڪو چوندو هو ته مان زرداري جو ٻچو آهيان، شهباز شريف جو ساٿي ۽ چوڌري جو رشتيدار آهيان. مان پاڪستان لاءِ فيصلا ڪندس. چوڌري پرويز الاهي سندس مقرري کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن الزام هنيو ته جنهن شخص حارث اسٽيل ڪيس ۾ 35 لک رپين جي پلي بارگين ڪئي ان کان انصاف جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي.منهنجو ويجهو مائٽ نگران وڏو وزير ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ اليڪشن ڪميشن جو تڪراري فيصلو هر قاعدي ۽ قانون جي خلاف آهي. اليڪشن ڪميشن جي اهڙي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيا آهيون.

سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سندس مقرري مان ثابت ٿئي ٿو ته ”مجرم ماڻهن کي ڏوهن لاءِ مقرر ڪري رهيا آهن“. ٻئي طرف ڪجهه حلقن سندس مقرري جي ڀليڪار  بھ ڪئي آهي. جيئن ته وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته آئين ۽ قانون جي محافظ ۽ بنيادي حقن جي علمبردار سيد محسن رضا نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي.

اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته ڪجهه حلقن سوشل ميڊيا تي سندس مذهب جي حوالي سان کيس تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته هي ڪهڙو ملڪ آهي جنهن کي نگران وڏو وزير بڻائڻو آهي ته پهريان ان جو مذهب ڏسو. هي جناح جو پاڪستان ناهي.

صحافي عاصمه شيرازي جو چوڻ آهي ته هڪ سياسي پارٽي ۽ ان جا ڪارڪن سينيئر صحافي ۽ چينل 24 جي مالڪ محسن نقوي لاءِ انتهائي بي بنياد مهم هلائي رهيا آهن، جنهن سان سندس حياتي کي به خطرو ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.