جاپان جي رهائشي عمارت ۾ باهه، 4 ماڻهو فوت

ٽوڪيو  (اي پي پي) جاپان جي اولهندي شهر ڪوبي جي هڪ اپارٽمينٽ ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 ماڻهو سڙي فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا. مقامي ريسڪيو ترجمان ميڊيا کي  ٻڌايو ته باهه وسائيندڙ عملي کي منجهند جو 1 لڳي 35 منٽن تي عمارت ۾ باهه لڳڻ جو اطلاع مليو جنهن کان پوءِ فوري طور تي ريسڪيو عملدار واقعي واري جاءِ تي پهتي ۽ هڪ ڪلاڪ جي ڪوششن کان پوءِ باهه تي ضابطو آندو. عمارت مان 4 سڙي فوت ٿي ويل ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته 4 ٻين ماڻهن کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

  • برڪينا فاسو ۾ اغوا ٿيل 60 کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار بازياب

اواگاڊوگو (اي پي پي) برڪينا فاسو ۾ اغوا ٿيل 60 کان وڌيڪ عورتن ۽ ٻارن کي فوج  بازياب ڪرائي ورتو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق ملڪي فوج هڪ آپريشن دوران 4 ٻارن سميت 60 عورتن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. اغوا ٿيلن کي 12 جنوري تي اربندا علائقي ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن اغوا ڪيو هو. متاثرن کي ان وقت پڪڙيو ويو هو جڏهن اهي خوراڪ جي ڳولا ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته برڪينا فاسو 2015ع کان عدم تحفظ جو شڪار آهي جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ هزارين بي گهر ٿي چڪا آهن.

  • يورپي يونين جي نئين پابندين جو خدشو، ايراني ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي

جده  (اي پي پي) يورپي يونين پاران ايران جي عهديدارن تي نيون پابنديون لاڳو ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ميڊيا مطابق ايراني مظاهرين تي حڪومت جي وحشياڻي ڪريڪ ڊائون کي نظر ۾ رکندي يورپي ملڪ تهران جي 37 عهديدارن ۽ تنظيمن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان غور ڪري رهيا آهن. عالمي برادري ۾ ايران جي وڌندڙ اڪيلائي جو سبب وچ اوڀر ۾ بدامني ڦهلائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ۽ يوڪرين ۾ وڏي پئماني تي فوتگين ۽ تباهي جو سبب بڻجندڙ ڊرونز جي فراهمي پڻ آهي. يورپي يونين ۽ تهران وچ ۾ لاڳاپن ۾ تازن مهينن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته ايٽمي ڳالهين جي بحالي واريون ڪوششون تعطل جو شڪار آهن. ايران ڪيترن ئي يورپي شهرين کي گرفتار ڪيو آهي ۽ مظاهرين سان پرتشدد سلوڪ ۽ ڦاسي جهڙيون سزائون وڌائڻ سبب تهران کي تنقيد درپيش آهي. يورپي يونين بلاڪ جا پرڏيهي وزير برسلز ۾ اڳ ۾ کان طئي ٿيل اجلاسن ۾ ايران تي پابندين جي چوٿين پئڪيج تي عمل ڪرڻ جي ويجهو آهن. واضح رهي ته يورپي يونين اڳ ۾ ئي مظاهرين خلاف ڪريڪ ڊائون تي 60 کان وڌيڪ ايراني عملدارن ۽ ادارن جا اثاثه منجمد ڪرڻ ۽ ويزا پابنديون لاڳو ڪري چڪي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.