سياستدان، فوجي، ڪامورا ۽ ميڊيا سميت اسان سڀ مُلڪي مسئلن جا ذميوار آهيون: شاهد خاقان عباسي

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته گارگند ۽ الزام بازي واري  سياست ملڪي مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، سمورن مسئلن جو حل آئين ۾ موجود  آهي.

ڪوئيٽا ۾ لشڪر رئيساڻي، مصطفيٰ نواز کوکر، مفتاح اسماعيل ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسيءَ چيو ته ڪالهه ڪوئيٽا ۾ قومي ڊائيلاگ تي سيمينار ٿيو جنهن ۾ اسان سڀني غير جماعتي بنيادن تي ملڪي مسئلن بابت ويچار ونڊيا.

هن چيو ته ملڪ جي سياسي صورتحال جا ذميوار اسان سڀ آهيون، اسان آئين جي ڳالهه ته ڪريون ٿا پر آئين تي مڪمل عمل نه ٿا ڪريون.

سندس چوڻ هو ته  اڄ جي سياست انتقام ۽ دشمني جي سياست بڻجي وئي آهي، اڄ جي سياست هڪ ٻئي کي گاريون ڏيڻ ۽ الزام مڙهڻ جو نالو آهي، اِها سياست ملڪي مسئلا حل نٿي ڪري سگهي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته انهن سمرون مسئلن تي بحث ڪرڻ لاءِ هڪ فورم جوڙيو آهي جنهن جي شروعات ڪوئيٽا کان ٿي آهي، حقيقت اِها ناهي جيڪا ٽي وي تي ڏيکاري وڃي ٿي يا اخبارن ۾ ٻڌائي ويندي آهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ کي هن وقت سياسي استحڪام جي سخت ضرورت آهي، معيشت، سياست ۽ ٻين مسئلن جو حل آئين ۾ موجود آهي.

هن چيو ته جيڪي خرابيون ڏهه ويهن سالن ۾ پيدا ٿيون اِهي اٺن مهينن ۾ ٺيڪ نٿيون ٿي سگهن، سياستدان، فوجي، ڪامورا ۽ ميڊيا سميت اسان سڀ مسئلن جا ذميوار آهيون، عدليا به اهڙن فيصلن کي ڏسي جيڪي مُلڪ تي اثرنداز ٿيا.

هن وڌيڪ چيو ته مُلڪ جون ڏاڍيون تلخ حقيقتون آهن، پاڪستان وٽ مسئلن جو ڪو معجزاڻو حل نه آهي، جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته ملڪ جا مسئلا حل ٿين ته پوءِ سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي ملڪي مفادن نظر ۾ رکندي سمورا فيصلا آئين پٽاندڙ ڪرڻا پوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.