ٽنڊي باگي جو اڌ صدي کان پراڻو اسڪول زبون

ٽنڊوباگو(رپورٽ: دوست محمدچانڊيو) تعلقي ٽنڊي باگي جي يوسي ڏيئي ڳوٺ ميڻان ۾ اڌ صدي کان مٿي پراڻي پرائمري اسڪول  ميڻان يوسي ڏيئي جي عمارت 2011 جي برساتن ۾ زبون حال ٿيڻ کانپوء گذريل 12 سالن کان ڊهي تباه ٿي وئي آهي جنهن جي نه ٺھڻ تائين ڳوٺاڻن مهراڻ درس ڏيوو مل پوڙهو انڙ گل محمد درس ۽ شاگردن رميش ڪمار سڪينه اقراء ۽ ٻين چيو آهي ته هو هر پوليو مهم جو بائيڪاٽ تيستائين جاري رکندا جيستائين سندن اسڪول جي عمارت نٿي ڏني وڃي    ۔هنن وڌيڪ چيو ته 180 کان وڌيڪ ٻارڙا گذريل 12 سالن کان کلئي آسمان تعليم پرائي رهيا آهن ۽ گذريل سال هن اسڪول جي عمارت جو ٽينڊر به ٿيو هو  جيڪو ڪاغذن ۾ گم ٿي ويو آهي ۽ اسان ان دوران ڪيترائي احتجاج ڪيا آهن ۽ وسوارن کي درخواستون موڪليون آهن پر اسان جو آواز نٿو ٻڌو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.