اسٽيل مل ملازم مطالبن جي مڃتا لاءِ سراپا احتجاج، پريس ڪلب اڳيان مظاهرو

ڪراچي (رپورٽ : مهدي بلوچ) ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران اسٽيل مل جي رٽائرڊ ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي مرزا مقصود بيگ سميت ٻين ملازمن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انتظاميا ڇھن سالن کان اسان ملازمن جو پراويڊنٽ منافعو نه پئي ڏي جڏهن ته ٻيا منافعا پڻ ادا نه پيا ڪيا وڃن. هنن چيو اي او بي آءِ انتظاميا کان تمام رهتون وصول ڪرڻ باوجود رٽائرڊ ملازمن کي پينشن نه پئي ڏئي. هنن چيو ته حڪومت اسٽيل مل جي جبري برطرف ٿيل ملازمن سان واعدو ڪيو هو ته بحال ڪندي پر افسوس جو اٺ مهينا گذرڻ باوجود اڃا تائين ملازم بحال ناهن ڪيا ويا اهڙي طرح اسٽيل مل کي هلائڻ جو به ڪم شروع ناهي ڪيو ويو. هنن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته اسٽيل مل کي فوري طور هلايو وڃي ۽ ملڪ کي اسٽيل جي درآمدي سان 6 ارب رپين جي نقصان کان بچائي سگهجي ٿو. هنن چيو ته اسٽيل مل جي ملازمن جا ڪيس جج صاحبان ايئن چئي خارج ٿا ڪن ته اسٽيل مل بند آهي جڏهن ته ڪيس ان وقت جا آهن جڏهن اسٽيل جا آمدني برقرار هئي. هنن چيو ته اسان جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته اسٽيل مل جي هيڊ آفيس ٻاهران 7 فيبروري تي ڌرڻو هنيو ويندو ۽ ٻي مرحلي ۾ اي او بي اي جي هيڊ آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مطالبا تسليم گهٽ ۾ گهٽ 20 هزار پينشن ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.