جهمپير مان گم ڪيل تعليم کاتي جو ملازم قتل، جوابدارن لاش کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيو

ٺٽو/جھمپير/سونڊا (رپورٽ:منصور جلالاڻي+حميد پالاري+ارشاد گندرو) جهمپير مان هڪ مهينو اڳ پراسرار نموني گم ٿيل گورنمنٽ گرلس پرائمري اسڪول جي نائب قاصد مهر علي شاهه جي قتل جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن قتل جو اعتراف ڪري ورتو. تعليم کاتي جو ملازم مھر علي شاھ گذريل مهيني21 ڊسمبر تي اوچتو جھمپير شھر مان گم ٿي ويو ھو، جنھن جي گمشدگي جي رپورٽ سندس وارثن شير علي شاھ ۽ ديدار شاھ جي مدعيت ۾ داخل ڪرڻ بعد پوليس ڳولا شروع ڪئي.ذريعن موجب ايس ايس پي ٺٽو جي حڪم تي انسپيڪٽر فيصل شفيع ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پوليس جي هڪ ٽيڪنيڪل ٽيم مقتول جي فون نمبر کي لاڳيتو ٽريس ڪري رهي هئي نيٺ فون ڪالز جي مدد سان جوابدارن کي ٽريس ڪري گرفتار ڪيو ويو،پوليس جوابدار غلام نبي پٽ غلام رسول چانگ ۽ نظر محمد پٽ محمود چانگ کي گرفتار ڪري پڇاڳاڇا جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو، جنھن بعد گرفتار جوابدارن گم ڪيل نائب قاصد مھر علي شاھ کان 80 ھزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪرڻ بعد کيس قتل ڪري ولي بروھي ھوٽل ويجھو ڪوئلي جي کاڻ جي کوٽيل کوھ ۾ لاش اڇلائڻ جو اعتراف ڪري ورتو، جنھن بعد پوليس گرفتار جوابدارن جي نشاندھي تي جاءِ واردات تي وارثن ۽ مقامي ڳوٺاڻن سان گڏ پھچي لاش کوھ مان ڪڍرائي جھرڪ اسپتال پھچائي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيومقتول جي ڀائيٽي جو چوڻ آهي ته مهر علي شاهه اسڪول جو نائب قاصد هو، کيس جي پي فنڊ جا اڍائي لک رپيا مليا هئا، جوابدارن پئسن جي لالچ ۾ کيس قتل ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.