مريم نواز 27 جنوري تي و طن پهچندي، ٽڪيٽ بڪ

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  لنڊن ۾ مسلم ليگ (ن)  ملڪي سياست جي حوالي سان اهم فيصلا  ڪري ورتا آهن. انهن اجلاسن  ۾ اياز صادق،  راڻا ثناءُ الله، پرويز رشيد، جاويد لطيف ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ رهيا. نامياري صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته جڏهن فون تي مريم نواز سان رابطو ڪيو ته ان ٻڌايو ته 27  جنوري تي و طن واپسيءَ لاءِ ٽڪيٽ  ڪٽرائي ڇڏي آهي. شام 4  وڳي لاهور ايئرپورٽ  تي جهاز لهندو. جڏهن ته ميان نواز شريف جي وطن  واپسيءَ لاءِ به اهم فيصلو ٿيو آهي. جنهن جو اعلان  پارٽي ڪندي. هوڏانهن (ن) ليگ ڪارڪنن مريم نواز جي آجيان جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.