مني بجيٽ ذريعي 400 اربن جا نوان ٽئڪس، بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد( م ڊ) حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي. آءِ ايم ايف مني بجيٽ ذريعي 400  ارب رپين جا واڌو ٽئڪس لڳائڻ جو شرط رکي ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف پاڪستان پاران گهربل سڌارا نه ڪرڻ تي پريشان آهي، گردشي قرض 4 کرب رپين کان وڌي ويا، حڪومت کي بجلي اگهن ۾ 7.30 رپيا في يونٽ وڌائڻي پوندي. گئس جا گردشي قرض 1640 ارب رپين تائين پهچي ويا،انهن کي گهٽائڻ لاءِ گئس جا اگهه وڌائڻا پوندا. پاور سيڪٽر جي ٻن ادارن جا اگهه وڌائي خساري جو پورائو ڪري سگهجي ٿو. آءِ ايم ايف مني بجيٽ ۾ 400 ارب رپين جا واڌوٽئڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جيڪو ساليانو بجيٽ ٽئڪسيشن کان وڌيڪ هوندو،جيڪڏهن حڪومت مطالبا منظور ڪيا ته باقي عرصي لاءِ پاڪستاب کي 175 ارب رپين کان 200 ارب رپيا ڪٺا ٿي ويندا. حڪومت ٽئڪس هدف واڌو ٽئڪس ود هولڊنگ ٽئڪس جي وڌندڙ شرح ذريعي حاصل ڪري سگهي ٿي، حڪومت هڪ کان ٽي سيڪڙو فلڊ ليوي سان 60 ارب رپيا واڌو حاصل ڪري سگهي ٿي. حڪومت مٽا سٽا جي ذخيرن جي شرح ۾ هير ڦيري ذريعي بئنڪن کي ملندڙ منافعي مان 60 کان70 سيڪڙو ڪٽوتي تي ٽئڪس لڳائڻ تي به غور ڪري رهي آهي. 03

 

ڪراچي( م ڊ) عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر قرضن جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ورلڊ بئنڪ پاڪستان لاءِ قرض جي منظوري ايندڙ مالي سال تائين ملتوي ڪئي آهي. ورلڊ بئنڪ درآمدن  تي ”فلڊ“ ليوي لڳائڻ جي به مخالفت ڪئي آهي. واضح رهي ته پائيدار معيشت لاءِ ورلڊ بئنڪ جي قرض جي ماليت 45 ڪروڙ ڊالر هئي، ان کانسواءِ سستي توانائي لاءِ 60 ڪروڙ ڊالرن جو قرض به ملتوي ڪيو ويو آهي. ورلڊ بئنڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پائيدار معيشت لاءِ بورڊ ڊسڪشن جو مالي سال 2024 ۾ امڪان آهي، جڏهن ته سستي توانائي لاءِ قرض به ايندڙ مالي سال منظور ڪري سگهجي ٿو. 03

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.