درياخان مري لڳ ڇتي ڪتي معصوم ٻارڙي کي ڏاڙهي وڌو

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ڀرسان يونين ڪائونسل چاناري جي ڳوٺ محمد رمضان موروجو ۾ گھر ٻاھران راند کيڏندڙ معصوم نينگري آصيه ڌيءَ انور بروھي کي ڇتي ڪتي ڏاڙھي سخت زخمي ڪري وڌو زخمي نينگري کي علاج لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري آندو ويو رورل ھيلٿ سينٽر ۾ اينٽي ريبيز ويڪسين نه ھجڻ ڪري زخمي نينگريءَ کي پڊعيدن اسپتال نيو ويو جڏھن ته ڳوٺاڻن 11 کان وڌيڪ فائر ڪري ڇتي ڪتي کي ماري ڇڏيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.